ساڙهي

ساڙهي

ساڙهي

ساڙهي (لباس): عورتن جو مشھور لباس، جنهن کي ننڍي کنڊ، خاص ڪري هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ خاص اهميت حاصل آهي. هندستان ۾ هيءُ لباس عام طور هندو عورتون پائين ٿيون، پر بنگلاديش ۾ مسلمان عورتون پڻ پائين ۽ پاڪستان ۾ بہ ساڙهيءَ جو فيشن عام آهي. ورهاڱي کان اڳ (توڙي پوءِ) وڏ گهراڻيون سنڌي هندو عورتون ساڙهي پائينديون هيون ۽ اهو رواج اڄ بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن لباس کي ’ساري‘ (Sari) چيو ويندو آهي. هي لباس عام طور جرڪندڙ رنگن/ ڌاڳن سان ڀريل ڀرت تي سوٽي، ريشمي ۽ بنارسيءَ جي پنجن کان ستن ميٽرن ڊگهي ڪپڙي تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي چيلھہ کان کاٻي طرف ورائي، اڳيان واري حصي تي وچ ۾ خوبصورتي وڌائڻ لاءِ گهنج (پليٽون) ڏئي، وري کاٻي پاسي هڪ ڀيرو ورائي، کاٻي ڪنڌ تي رکبو آهي. ڪنڌ جي پرئين پاسي ڇڏيل ڪپڙي کي پلو چيو ويندو آهي، جنهن کي عورتون پنھنجي مرضيءَ مطابق مٿي تي رکنديون آهن يا ڇڏي ڏينديون آهن. گجراتي ۽ پارسي عورتون ساڙهيءَ جو پلؤ پٺيان کان ڦيرائي اڳيان رکنديون آهن. جسم جي مٿئين حصي کي ڍڪڻ لاءِ الڳ ساڙهيءَ جي رنگ جهڙي يا ان سان ٺهڪندڙ رنگ جي ڪپڙي جي ننڍڙي چولي (بلائوز) هوندي آهي. موجودہ وقت ساڙهي هندستان جو قومي لباس آهي، خوبصورت رنگن ۽ ديدہ زيب ڊزائين واريون ساڙهيون دنيا جي هر خطي ۽ ملڪ ۾ شوق سان ڪتب آنديون وڃن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو