ساک: لغت موجب ’ساک‘ لفظ جي معنيٰ ’قسمي ڳالهه، سچائيءَ جي ثابتي يا اکين ڏٺي احوال جي گواهي‘ آهي. ويساهه يا اعتبار کي سنڌيءَ ۾ ’ساک‘ چوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪنهن جي قتل، چوريءَ، ڦر يا ٻئي ڪنهن ڏوهه جو شڪ هوندو آهي، ته دستور موجب شڪي جوابدار قرآن پاڪ تي هٿ رکي گواهن اڳيان پاڻ کي ڏوهه کان آجو قرار ڏيارڻ لاءِ ’ساک‘ ڏيندو آهي. سنڌ ۾ قرآن شريف کي ’ڀلو سونهارو‘ چوندا آهن. عام طور چئبو آهي ته فلاڻي ماڻهوءَ ڀلي سڳوري تي هٿ رکي ساک ڏني آهي ته هن اهو ڏوهه ناهي ڪيو. ساک وٺڻ جو ٻيو طريقو ڪن هنڌن تي وڏن الزامن هيٺ ٿيندڙ فيصلن ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ’چرڀيلي‘ چوندا آهن. هڪ ڊگهي کڏ يا چر کوٽي ان ۾ ٽانڊا وڌا ويندا آهن ۽ شڪي جوابدار پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ٽانڊن تان گذرندو آهي ۽ ٽانڊن تان اُڪرڻ بعد سندس پير ڍور جي رت سان ڀريل ٿانوَ ۾ وڌا ويندا آهن. جيڪڏهن سندس پيرن ۾ ڦلوڪڻا نه ٿيا ته کيس بيڏوهي سمجهيو ويندو آهي. هي جهنگلي دور جي وهمي قسم جي روايت آهي، جنهن تي ضعيف الاعتقاد ماڻهو ويساهه ڪندا آهن.
هڪ روايت موجب باهه تي ساک جو حوالو عمر مارئيءَ جي قصي ۾ به ملي ٿو. جڏهن عمر، مارئيءَ جي عظمت آڏو جهڪي، کيس ڳوٺ ڇڏڻ ويو ته مارئيءَ جي ڳوٺاڻن کي مارئيءَ جي حرمت جي يقين ڏيارڻ لاءِ هو باهه مان گذريو هو ۽ مارئي ستي ثابت ٿي هئي.