ساکرو رسم الخط: ساکرو جو مطلب، سکر وارو. آڳاٽي وقت ۾ هيءَ رسم الخط سکر جا واپاري استعمال ڪندا هئا. اها سکر جي نالي سان مشھور لکت هئي، جهڙيءَ ريت: خدا وادي، شڪارپوري، سيوهاڻي ۽ حيدرآبادي وغيرہ. سکر جي هٽ واڻڪي رسم الخط هئي، جيڪا شڪارپوري رسم الخط سان ملندڙ جلندڙ هئي ۽ ديوناگري خط ۾ لکي ويندي هئي.