ساڳ2 (وڻ): هن وڻ جا پن پٻڻ جي پن وانگر ٿين ٿا. حڪيمن جو چوڻ آهي تہ هن جي ڪاٺيءَ جو ٻورو ڪاڙهي پياربو تہ صفراوي دستن، معدي جي سوزش، جگر جي گرمي ۽ گهڻي اڃ کي لاهيندو، بلغمي ۽ سوداوي خلطن کي پچائي ٻاهر ڪڍندو