ساهه کڻڻ جو سرشتو

ساهه کڻڻ جو سرشتو

ساھہ کڻڻ جو سرشتو

ساھہ کڻڻ جو سرشتو: ساھہ کڻڻ انساني وجود لاءِ ضروري عمل آهي. سائنسي تحقيق مطابق انسان هڪ منٽ ۾ 18 ڀيرا ساھہ کڻي ٿو. هي هڪ خودمختيار عمل آهي، جيڪو بنا سوچ ويچار جي ٿيندو رهي ٿو. مغزي مرڪز ڪنٽرول ۾ ساھہ کڻڻ جو عمل مغز جي حوالي هوندو آهي. جيڪڏهن ان مرڪز کي ضرب آئي تہ ساھہ کڻڻ جو عمل هميشہ لاءِ بيهي رهندو. مرڪز جا حڪم مغزي ڏوريءَ مان هلي ڳچيءَ وارين تنتن (3،4،5) کي پهچن ٿا، جن مان هڪ خاص تنت ساھہ کڻڻ جي ٺھي ’پيٽ ڇھہ‘ ۾ پکڙجي وڃي ٿي، جنهن کي ’پيٽ ڇھي تنت‘(Phrenic never) چئبو آهي. هيءَ سرشتو، پٺيءَ وارين مشڪن، پيٽ ڇھہ ۽ پاسرين جي مـشـڪــن کـي تحـرڪ ڏيندو رهي ٿو. ساھہ کڻڻ مھل هي مشڪون (Inter costal muscles) ٻنهي پاسن کان پاسرين کي مٿيرو ڇڪي سيني کان ٻاهر ڪڍنديون آهن. اونهي ساھہ کڻڻ وقت ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ واريون مشڪون بہ سيني کي وڌيڪ ويڪري ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. اهڙيءَ طرح پاسن توڙي تريءَ وٽان سيني جو خال ويڪرو ٿيڻ ڪري، ڦڦڙ بہ ڇڪجي ويڪرا ٿين ٿا ۽ ان ۾ هوا جو داٻ گهٽجڻ ڪري، ٻاهرين هوا پاڻمرادو اندر هلي ايندي آهي. هوا اندر کڻڻ واري عمل کي Inspiration چئجي ٿو، جيڪا هوا اندر ڪم آيل آهي، اها ٻاهر ڪڍجي ٿي، ان عمل کي وري Expiration سڏجي ٿو. رت لاڳيتو ڦڦڙن ۾ آڪسيجن کڻڻ ۽ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ گئس ڇڏڻ لاءَ ايندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بدني اوڄن ۾ گرمي ۽ طاقت پيدا ڪرڻ لاءِ آڪسيجن جي ضرورت پوي ٿي، آڪسيجن کانسواءِ جيئرو رهڻ ناممڪن آهي. ساھہ کڻڻ واري عمل ۾ جسم جا ڪيترا عضوا ڪم ڪن ٿا، جھڙوڪ: نڪ، نڙي، گلو، نڙگهٽ ۽ ان جو شاخون، ڦڦڙ ۽ پيٽ ڇھہ.
(1) نڪ: ساھہ نڪ توڙي وات مان کڻي سگهجي ٿو، پر نڪ مان ساھہ کڻڻ ڪري ڪيترا فائدا ٿين ٿا.
(1) ناسن جي وارن مان هوا ڇڻي، مٽي ۽ ڪچري کان پاڪ ٿي جسم ۾ داخل ٿيندي آهي.
(2) نڪ اندر ڪيترائي وروراڪ آهن، جن مان هوا گذري، گرم ٿيندي آهي، جنهنڪري ڦڦڙ ٿڌي هوا جي ٺاريندڙ اثر کان بچيل رهن ٿا.
(3) ناسن جي بناوت سوڙهي ۽ ڊگهي ٿئي ٿي، جن مان هوا ڇڪجي اندر وڃڻ ڪري ڦڦڙن ۾ پيوند هوا جي هر هڪ ڳوٿريءَ ۾ پوريءَ طرح ڀرجي سگهي ٿي، ان ڪري ڪوبه ڦڦڙ يا ڀاڱو بيڪار يا هوا کان خالي نہ ٿو رهي.
(4) نڪ ۾ سنگهڻ جي طاقت آهي، جيڪا وقت بوقت هوا جي معيار کان خبردار ڪندي رهي ٿي.
(5) وات مان ساھہ کڻڻ ڪري ڪيتريون ئي وات جون غلاظتون ۽ جيوڙا، ڦڦڙن ۾ داخل ٿي کنگهه يا ٻيون بيماريون پيدا ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ ڪليون ۽ ڪاڪڙو هميشہ خراب رهندو آهي.
(2) نڙي (Pharynx) : نڪ ۽ وات جي پٺئين خال کي نڙي چئجي ٿو، جنهن مان وات کان کاڌو وڃي لڪيءَ ۾ پوي ٿو ۽ نڪ واري هوا گلي ۾ پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن کاڌي جو ڪو ذرو وڃي گلي ۾ پوندو آهي تہ هڪدم مونجهه ۽ کنگهه شروع ٿي ويندي آهي، جنهن ڪري عام طور چيو ويندو آهي تہ ”کاڌو وڃي ٻيءَ نڙيءَ ۾ پيو آهي.“ ٻي نڙي هوا جي رستي کي چئجي ٿو، جنهن مان ساھہ ڦڦڙن ۾ وڃي ٿو.
(3) گلو (Larynx) : گلو نڙگهٽ جي مٿئين ويڪري ڀاڱي کي چئبو آهي، جيڪو ڳچيءَ جي اڳ کان نڪتل نظر ايندو آهي. گلي اندر آواز جو انتظام هوندو آهي. هن ۾ توتاريءَ وانگر هڪ چير آهي، جنهن جي پاسن کان پردن جون ٻہ تاڪيون (Racal cords) آهن، جن ۾ مشڪون لڳل هونديون آهن، ڦڦڙن مان ٻاهر نڪرندڙ هوا سان ٿلها ۽ سنها آواز ڪڍي سگهجن ٿا. زڪام جي ڪري گلي ۾ ريزش ٿيڻ سان چٽو ڳالهائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، اهڙي عمل کي عام طور ’نڙي ويهجي وڃڻ‘ چيو ويندو آهي. آواز کي سرلي ڪرڻ لاءِ هوا سان ڀريل ٻيا خال پڻ مدد ڪن ٿا. زڪام جي ڪري آواز گهگهو ٿي يا بدلجي ويندو آهي.
(4) نڙگهٽ (Trachea): ڳلي کان هيٺ نڙگهٽ شروع ٿئي ٿو. هيءُ پردن ۾ ويڙهيل لچڪدار ڪچڙي ڪنڊِ جي ڇلن جو ٺهيل هوندو آهي، جنهنڪري ٻوٽجي نہ ٿو ۽ هن مان آسانيءَ سان هوا اندر ٻاهر اچي وڃي سگهي ٿي. ڇاتيءَ ۾ هن مان ٻہ شاخون ڦٽي نڪرن، جن مان هڪڙي ڦڦڙ ۾ وڃي ٿي ۽ ٻيءَ مان وري بيشمار شاخون ٿي وينديون آهن، جيڪي هوا جي ڳوٿرين ۾ کٽڻ ٿيون. ٽريڪيا ۽ برانڪا ۾ اندر بلغمي پردي جو تھہ آهي، جنهن ۾ ضرورت آهر بلغم جڙندو رهي ٿو. بلغم جي ڪري خشڪي نہ ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن هوا ۾ مٽي يا ٻيو ڪچرو گهڻو آهي تہ اهو بہ بلغم ۾ چنبڙي پوي ٿو.
(5) ڦڦڙ (Lungs): انساني جسم اندر ٻہ ڦڦڙ ٿيندا آهن، جيڪي پاسرين اندر، دل جي ٻنهي پاسن کان بيٺل آهن. شڪل ۾ ٽڪنڊا آهن. سندن چوٽي مٿي ڳچيءَ وٽ ۽ ترو پيٽ ڇھہ سان لڳل هوندو آهي. هر هڪ ڦڦڙ کي دل وانگر ٻہ تھو غلاف چڙهيل هوندو آهي، جن کي ’پلورا‘ چئبو آهي. ٻنهي تھن جي وچ ۾ ٿورڙي مقدار ۾ پاڻيٺ موجود رهندي آهي، جنهنڪري ڦڦڙن کي ڦنڊڻ ۽ سسڻ ۾ اٽڪاءُ نہ ٿو ٿئي. ڦڦڙ هوا جي نلين ۽ ڳوٿرين جا ٺهيل هوندا آهن، اهي ڳوٿريون تمام نازڪ پردي جون ٿين ٿيون، جن مٿان دل جي ساڄي خاني مان ايندڙ پلمونري آرٽريءَ جي وار نلين جون ڄاريون ٺهيل آهن، انهن وار نلين ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس سان ڀريل رت دؤرو ڪندو آهي، جيڪو ڳوٿرين ۾ پيل تازي هوا مان آڪسيجن کڻي وٺندو آهي ۽ ڪاربان وڃي ڳوٿرين ۾ پوندي آهي، جيڪا ساھہ کڻڻ سان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح رت صاف ٿي هر هڪ ڦڦڙ مان ٻن نسن جي وسيلي کٻي ڪنوتيءَ ۾ پوي ٿو، جتان وري سموري بدن کي آڪسيجن پهچائي ڪاربان ميڙي اچي ڦڦڙن ۾ تازي هوا سان مٽاسٽا ڪري ٿو.
(6) پيٽ ڇھہ (Diaphragm): هي هڪ ٿلهو ۽ مضبوط خشڪ پردو آهي، جيـڪـو سيني جي عضون، ڦڦڙن ۽ دل کي پيٽ وارن عضون کان ڌار ڪري ٿو. هيءُ شڪل ۾ گنبذ وانگر مٿي اڀريل ٿيندو آهي، جنهن تي دل ۽ ڦڦڙ جا ترا چھٽيل آهن. هن جو مکيہ ڪم سيني جي خال کي سوڙهو ۽ ويڪرو ڪرڻ آهي، جنهنڪري ساھہ کڄي سگهي ٿو.
(7) هڏڪي (Hiccough/ hiccup): ڪن سببن ڪري پاسرين واريون مشڪون ۽ پيٽ ڇھہ برابر وقت تي ملي ڪم نہ ڪندا آهن، جنهنڪري هوا اندر وڃڻ بدران زور سان ٻاهر ڌڪجي، آواز ڪري، نڪري ايندي آهي، جنهن مھل پاسرين واريون مشڪون ڪوئجي پاسرين کي مٿي کڻي سيني کي ڪشادو ڪنديون آهن ۽ هوا اندر وڃڻ جي ڪندي آهي تہ اوچتو پيٽ ڇھہ جي ڍري ٿيڻ سبب سندس قبي مٿي ڀڙڪو کائي هوا کي زور سان ڌڪي ٻاهر ڪڍندي آهي، اهڙي عمل کي هڏڪي چئبو آهي. پوءِ جڏهن پيٽ ڇھہ پوري وقت تي پاسرين سان ملي ڪم ڪندو آهي تہ هڏڪي بہ لھي ويندي آهي.
(8) هوا جا جزا (Composition of air): هوا جا مکيہ ٽي جزا آهن: (1) آڪسيجن گئس، 21 ڀاڱا، (2) نائٽروجن گئس 79 ڀاڱا ۽ (3) ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جا فقط چار ڀاڱا آهن. نائٽروجن هڪ گئس آهي، جنهن جو ڪم فقط آڪسيجن کي ڇڊو ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آڪسيجن خالص هوندي تہ سڀ ڪجهه جلائي ڇڏيندي. ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ گئس وڻ استعمال ڪندا آهن ۽ جسمي ڪاربان هوا مان کڻي آڪسيجن موٽائي هوا ۾ اڇلي ڇڏيندا آهن. ساھہ کڻڻ ڪري هوا جي آڪسيجن ۽ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ گئس جي مقدار ۾ گهڻو فرق پوي ٿو. مثال طور:
گئس جو نالو تازي هوا ۾ ڦڦڙن مان نڪتل هوا ۾
آڪسيجن 96 ۽ 20 40 ۽ 16
نائٽروجن 00 ۽ 79 19 ۽ 79
ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ 04 41 ۽ 4


هن صفحي کي شيئر ڪريو