سبا (سورة): سبا، قرآن مجيد جي چوٽيهين سورة آهي. هن ۾ ڇهه رڪوع ۽ چوونجاهه آيتون آهن. حضرت ابن عباسرضه جو قول آهي ته هن سورة جون سڀئي آيتون مڪي آهن، سواءِ آيت نمبر ڇهينءَ جي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته هيءَ سورة مدني آهي. تفسير ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن ابو سفيان اهو ٻڌو ته قرآن مجيد ۾ چيو ويو آهي ته ’منافق ۽ مشرڪ عذاب ۾ وڌا ويندا‘ ته چٿر ڪندي چوڻ لڳو: ”لات ۽ عزيٰ جو قسم نه قيامت ايندي، نه ئي ڪو حشر (حساب ڪتاب) ٿيندو.“ ان تي هيءَ سورة نازل ٿي، جنهن جي شروعات ۾ الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا کانپوءِ ڪافرن جي قيامت جي انڪار جو مدلل جواب موجود آهي، جنهن بعد ڪافرن جي پاڻ ڪريمنصه سان چٿر ۽ سندن گهڙيل ڪوڙ جو ذڪر ملي ٿو. ان کانپوءِ حضرت دائودعه مٿان الله تعاليٰ جي نعمتن جو بيان، قوم سبا جي عيش، آرام ۽ سندن تباهيءَ جو ذڪر، بُت پرستن جي ناڪامي ۽ خساري جو ذڪر، قيامت جي ڏينهن گمراهه ڪندڙ اڳواڻن ۽ سندن پوئلڳن درميان جهيڙي سان لاڳاپيل ڳالهه ۽ مال ۽ دولت جي گهڻائيءَ جي نشي ۾ سندن نبين سڳورن جي مخالفت جو ذڪر ڪيو آهي. ان کانپوءِ قرآن مجيد بابت ڪافرن جي ردعمل، رسالت جي مقام جي قيامت جي ڏينهن ڪافرن جي پڇتاءَ، ۽ دنيا ۾ ٻيهر موٽي اچي نيڪ عمل ڪرڻ جي خواهش جو بيان آهي.
سورة سبا جي فضيلتن بابت حديث نبويصه ۾ اچي ٿو ته جيڪو شخص سبا سورة جي تلاوت ڪندو. ان سان قيامت جي ڏينهن سمورا نبي ۽ رسول هٿ ملائيندا. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)