سبتڪگين ڊور: گوادر کان 40 ميلن جي پنڌ تي اتر ڏکڻ ۾ ’سبتڪگين ڊور‘ جا وسيع کنڊر آهن. ميجر موڪلر، انهن کنڊرن کي سڪندراعظم جي زماني جا يادگار سڏيو آهي. ڪرنل ٽي. ايس. ايڇ اولڊيج انهن کي ’مڪران جي وچئين دور جا آثار‘ ڪري لکيو آهي. ان کان سواءِ، ميجر موڪلر کي گوادر جي ڀرسان ’گڻي‘ (Ganni) نالي سان ڪنهن شهر جا کـنڊر مـليا هئا، جتان مـردن جون هڏيون ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ مليا هئا. ڪرنل ٿامس اولڊيج جي تحقيق موجب انهن کنڊرن جو تعلق سميري ڪلدانين سان آهي.
رحيمداد مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڪتاب ’بلوچستان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ‘ ۾ لکيو آهي ته، سبتڪگين ڊور جي دڙي جي اي. موڪلر کوٽائي ڪرائي هئي، جتان پٿر جون ٺهيل ڪي اڏاوتون (ڪوٺيون) مليون هيون. ڪوٺين ۾ ٺڪر جا ٿانوَ ۽ هڪ يوناني باختري دور جو سڪو به هٿ لڳو هو. محققن جي راءِ آهي ته هي آثار انهيءَ دراوڙي قوم جا آهن، جيڪا ڪلديز مان لڏي بلوچستان ۾ داخل ٿي هئي، ۽ پوءِ وري هتان نڪري مُهين جي دڙي جي اڏاوت ۾ حصو ورتائين. هنن آثارن مان سندن زبان بابت ڪجهه ڄاڻ ملي، جيڪا ڪرد گالي زبان سان ملندڙ جلندڙ آهي. ڪردگالي براهوي زبان جو هڪ لهجو آهي.