سبزل خان

سبزل خان: سبيءَ ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي خلاف بغاوت ڪندڙن ۾ سبزل خان بہ شامل هو. رحيم پرانگ، يوسف ۽ دولت خان، ڍاڍر ۾ بغاوت ڪئي ۽ سبيءَ ۾ سبزل خان بغاوت ڪئي. ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو: ”سبيءَ ۽ ڍاڍر ۾ ميان يار محمد خان پنھنجي پٽ ميان دائود خان ڪلهوڙي کي مقرر ڪيو. سبيءَ ۾ اتفاق سان بخار جي عام وبا پکڙجي وئي، ڪو بہ ماڻهو محفوظ نہ رهيو، ميان دائود خان بہ بخار ۾ وٺجي ويو ۽ لاچار ٿي پيو، انهيءَ عرصي دوران سبزل خان ، رحيم پرانگ، يوسف ۽ دولت خان فتنو برپا ڪيو ۽ آڌيءَ رات جو ڏاڪڻن وسيلي سبيءَ جي قلعي ۾ گهڙي پيا. ميان دائود خان کي سندس ماڻهو قلعي مان سلامتيءَ سان کڻي ڀڄي نڪتا، جنهن بعد ڍاڍر جو قلعو بہ هنن قبضي ۾ ڪري ورتو. اها خبر جڏهن ميان يار محمد خان کي پئي تہ هن هڪدم پنھنجي پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي لشڪر ڏئي، سبيءَ ۽ ڍاڍر جا قلعا فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. ميان نور محمد خان پهرين ڍاڍر جي قلعي تي حملو ڪيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ رحيم، يوسف ۽ سندس ڀائر مارجي ويا ۽ ڍاڍر جو قلعو ميان نور محمد فتح ڪري ورتو. اها حالت ڏسي سبيءَ جي قلعي ۾ ويٺل سبزل خان ۽ دولت خان لشڪر سميت اچي ميان نور محمد خان جي آڏو پيش پيا. هي واقعو 12 محرم الحرام 1120ھہ/ 23 مارچ 1708ع ۾ ٿيو.


لفظ سبزل خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو