سبزوار

سبزوار

سبزوار

سبزوار: سبزوار، ايران جو هڪ قديم شهر آهي. هي خراسان جو شهر، نيشاپور جي اولهندي طرف اٽڪل 64 ميلن جي پنڌ تي آهي. سبزوار، ايران جي ڪيترن بهادريءَ وارن داستانن جي ڪري مشهور آهي.
روايت آهي ته ’رستم ۽ سهراب‘ جي ڪشتيءَ ۽ بهادريءَ وارو واقعو به هن شهر جي چوسول تي ٿيو هو ۽ اهو ميدان ’سفيد ديو‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ابتدا ۾ ’بيهق‘ بدران سبزوار کي ضلعي جو صدر مقام بنايو ويو. سلجوقي دؤر (1037-1157ع) ۾ سبزوار شهر جو ذڪر ملي ٿو. چنگيزي ۽ ايلخاني دور ۾ به ’سبزوار‘ جو نمايان ذڪر موجود آهي، جنهن دؤر ۾ ڪي خودمختيار حڪومتون وجود ۾ آيون، جن ۾ آل مظفر سلسلو به هو.
1220ع ۾ چنگيز خان خراسان تي يلغار ڪئي. نيشاپور ۾ سندس نياڻو قتل ٿي ويو، ان ڪري هن ڪاوڙ ۾ اچي نهايت بي رحميءَ سان شهرين جو قتل عام ڪرايو. ان کانپوءِ ’سبزوار‘ تي حملو ٿيو ۽ چنگيز خان هتان جي ستر هزار انسانن کي قتل ڪرايو. حملي آورن اڳتي وڌي ’مرو‘ تي به يلغار ڪئي. ’مرو‘ علم ۽ عرفان جو وڏو مرڪز هو، جتي چيو وڃي ٿو ته پنج لک شهري ماريا ويا.
سبزوار شهر ماضيءَ وانگر اڄ به شيعا مسلڪ جو وڏو مرڪز آهي. ڪنهن دور ۾ هي شهر واپار جو وڏو مرڪز هو. هڪ سياح چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ هن شهر جو سير ڪرڻ بعد لکيو آهي ته: ”شهر جون بازارون ڪاٺ جي ڇتين سان ٿنڀن جي سهاري بيٺل آهن. علمي ۽ ثقافتي لحاظ کان هن شهر اهم ماڻهو پيدا ڪيا، جن ۾ نظام الملڪ، الپ ارسلان (وزير)، ملڪ شاهه (باني مدرسه نظاميه)، ابوالحسن) (مصنف: تاريخ بيهقي)، حسن واعظ ڪاشفي (مصنف: انوار سهيلي)، سندس پٽ فخرالدين علي اچي وڃن ٿا.
هن ئي شهر جو عظيم صوفي پير شمس سبزواري (جنم 560هه/ 1165ع) عمر جي آخري حصي ۾ ملتان آيو ۽ اسماعيلي نقطه نظر جي اشاعت ڪندو رهيو. سندس پوئلڳ ’شمسي‘ سڏيا ويا.
سنڌ جا لوهاڻا به سندس مريد هئا، جن ئي خوجڪي رسم الخط ۾ سندس گنان قلمبند ڪيا. پير شمس سبزواريءَ سنڌ ۾ به پير گهمايا هئا.
هتي ملاهادي سبزواري، هڪ وڏي فلسفي جو نالو جديد ايران جي ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ارغون ۽ ترخان دور ۾ جيڪي خاندان ايران مان لڏي سنڌ ۾ اچي رهيا، تن ۾ ’سبزواري سادات‘ شامل آهن. مير معصوم بکريءَ جو نانو سيد مير ڪلان به سبزوار مان آيو ۽ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. هن وقت به سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ ’سبزواري ساداتن‘ جو اولاد موجود آهي.


لفظ سبزوارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو