سبزواري

سبزواري (ذات): هي سيد محمود سبزواري بن محمد جو اولاد آهن. هنن جا وڏا ايران جي مشھور سبزوار ۾ رهندا هئا. ان شھر جي نسبت سان هي سبزواري سيد سڏجڻ لڳا. هڪ ٻي روايت موجب سيد مير ڪلان 927ھہ/ 1521ع ۾ قنڌار کان لڏي سيوهڻ جي علائقي کاٻڙوٽ ۾ اچي رهيو ۽ هن کي چار فرزند هئا، جن جا نالا هن ريت آهن: سيد طالب، سيد برڪو، سيد محمد ۽ سيد محمود. سيوهڻ وارا سبزواري سيد، سيد طالب جي اولاد مان وڌيا.
سبزواري سيدن جو شجرو نسب هن ريت آهي: سيد طالب بن سيد مير ڪلان بن سيد ابراهيم بن سيد محمود بن سيد محمد جعفر بن سيد مغفور بن سيد محمد بن سيد علي بن ابي طالب محمد بن علي بن هيبت بن ثعلب بن سيد محمد بن سيد علي بن سيد احمد بن حسن بن محمد بن ابراهيم بن سيد محمد بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن امام علي عليہ السّلام.


لفظ سبزواريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو