سبيل

سبيل: سَبيل جي لغوي معنيٰ آهي: ”اهڙو رستو، جنهن تي هلڻ سولو هجي.“ هي لفظ سُبُل جو جمع آهي. قرآن مجيد ۾ به سَبِيل جو لفظ ڪافي هنڌن تي ڪتب آيو آهي. ”اهو، جيڪو ان جي واٽ ۾ سفر ڪرڻ جي طاقت رکندو هجي“ (آل عمران: 97). ”جيڪڏهن هنن مون (رسول اللهصه) سان گڏ (حق جو) رستو اختيار ڪيو هجي ها“ (الفرقانِ: 27). هن آيت ۾ مجازي طرح سڌي رستي جي معنيٰ ۾ لفظ ’سبيل‘ استعمال ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت هي لفظ مجازيءَ طرح مقصد حاصل ڪرڻ جو ذريعو ۽ ڪنهن مصيبت يا مشڪل مان نڪرڻ جي رستي جي معنيٰ ۾ به ڪتب اچي ٿو، جيئن: ”يا خدا! انهن جي نڪرڻ لاءِ ڪو رستو پيدا ڪر.“ (النساء: 15).
ايشيا کنڊ جي ملڪن ۾ رستن تي پيئڻ جي پاڻيءَ جو انتظام ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ’سبيل‘ سڏبو آهي. ان لفظ جو اهو استعمال گهڻي قدر ’في سَبيلِ الله‘ جي جملي مان پيو آهي، ڇو ته هي جملو هر ان ڪم لاءِ ڪم ايندو آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي نالي تي ڪيو وڃي ٿو.
سبيل امام حسين عليه السلام: سبيل لفظ جي معنائن مان هڪ معنى اها به آهي ته ’شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ راهگيرن يا اُڃارن کي ٿڌو پاڻي پيارڻ‘ (جامع فيروز اللغات). ڪربلا جي ميدان ۾ 10 محرم الحرام
61 هه/ 10 آڪٽوبر 680ع تي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي ٽن ڏينهن کان اڃيو ۽ بکيو رکي شهيد ڪيو ويو، سندن شهادت کانپوءِ عزاداريءَ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هر سال محرم ۽ صفر جي مهينن ۾ حضرت امام حسينعه جي شهيدن جي ياد ۾ سبيلون لڳايون وينديون آهن. سبيلن تي شربت، خاص ڪري کير جو شربت ۽ سادو ۽ ٿڌو پاڻي رکيو ويندو آهي ۽ عام ماڻهن کي پياريو ويندو آهي. پهرين محرم کان وٺي اٺين ربيع الاول تائين اهو سلسلو هلندو آهي، پر ستين محرم کان يارهين محرم تائين اڪثر مسلمان ۽ خاص ڪري اهل تشيع هر هنڌ سبيلون لڳائيندا آهن.


لفظ سبيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو