سبيل

سبيل: سَبيل جي لغوي معنيٰ آهي: ”اهڙو رستو، جنهن تي هلڻ سولو هجي.“ هي لفظ سُبُل جو جمع آهي. قرآن مجيد ۾ بہ سَبِيل جو لفظ ڪافي هنڌن تي ڪتب آيو آهي. ”اهو، جيڪو ان جي واٽ ۾ سفر ڪرڻ جي طاقت رکندو هجي“ (آل عمران: 97). ”جيڪڏهن هنن مون (رسول اللهصه) سان گڏ (حق جو) رستو اختيار ڪيو هجي ها“ (الفرقانِ: 27). هن آيت ۾ مجازي طرح سڌي رستي جي معنيٰ ۾ لفظ ’سبيل‘ استعمال ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت هي لفظ مجازيءَ طرح مقصد حاصل ڪرڻ جو ذريعو ۽ ڪنهن مصيبت يا مشڪل مان نڪرڻ جي رستي جي معنيٰ ۾ بہ ڪتب اچي ٿو، جيئن: ”يا خدا! انهن جي نڪرڻ لاءِ ڪو رستو پيدا ڪر.“ (النساء: 15).
ايشيا کنڊ جي ملڪن ۾ رستن تي پيئڻ جي پاڻيءَ جو انتظام ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ’سبيل‘ سڏبو آهي. ان لفظ جو اهو استعمال گهڻي قدر ’في سَبيلِ ‘ جي جملي مان پيو آهي، ڇو تہ هي جملو هر ان ڪم لاءِ ڪم ايندو آهي، جيڪو تعاليٰ جي نالي تي ڪيو وڃي ٿو.
سبيل امام حسين عليہ السلام: سبيل لفظ جي معنائن مان هڪ معنى اها بہ آهي تہ ’شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ راهگيرن يا اُڃارن کي ٿڌو پاڻي پيارڻ‘ (جامع فيروز اللغات). ڪربلا جي ميدان ۾ 10 محرم الحرام
61 ھہ/ 10 آڪٽوبر 680ع تي حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ سندس ساٿين کي ٽن ڏينهن کان اڃيو ۽ بکيو رکي شھيد ڪيو ويو، سندن شهادت کانپوءِ عزاداريءَ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هر سال محرم ۽ صفر جي مهينن ۾ حضرت امام حسينعه جي شھيدن جي ياد ۾ سبيلون لڳايون وينديون آهن. سبيلن تي شربت، خاص ڪري کير جو شربت ۽ سادو ۽ ٿڌو پاڻي رکيو ويندو آهي ۽ عام ماڻهن کي پياريو ويندو آهي. پهرين محرم کان وٺي اٺين ربيع الاول تائين اهو سلسلو هلندو آهي، پر ستين محرم کان يارهين محرم تائين اڪثر مسلمان ۽ خاص ڪري اهل تشيع هر هنڌ سبيلون لڳائيندا آهن.


لفظ سبيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو