ستئونداس، حڪيم: حڪيم ستئونداس، دادو تعلقي جي کوکرن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو، دادو شھر ٺھڻ بعد لڏي اچي غريب آباد محلي ۾ رهيو، جتي پسارڪو دڪان کوليو هئائين. ان دوران مختلف حڪيمن جا نسخا گڏ ڪندو ويندو هو. آهستي آهستي انهن نسخن کي ڏسي پاڻ بہ حڪمت جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ڏسندي ڏسندي حڪمت ۾ ڪافي نالو ڪڍيائين. سندس هٿ ۾ شفا هئي. وٽانئس ڪيترا مريض شفاياب ٿي نڪتا. غريبن ۽ مسڪينن جو علاج مفت ڪندو هو. هر جمعي تي پير محمد مراد جي درگاھہ تي ويندو هو ۽ اتي غريبن کي مفت کاڌو کارائيندو هو. پير محمد مراد جي قبر اڳيان ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي درگاھہ تي عرض ڪندو هو تہ خدا کيس توفيق ڏي، جو هو غريبن جي سيوا ڪري سگهي. هن ڪيترن غريبن جي مالي مدد پڻ ڪئي. هميشہ هٿ کي کليل رکيائين ۽ ڪڏهن بہ ڪو ضرورتمند سندس در تان خالي نہ موٽيو. هي سخي مرد، پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ هندستان هليو ويو.