ستارہ سنڌ (اخبار): ’ستارہ سنڌ‘ اخبار پير علي محمد شاھہ راشديءَ، 08 جون 1934ع ۾ سنڌ گزيٽ پريس سکر مان جاري ڪئي هئي. جنهن جو ايڊيٽر بہ پاڻ هو. هيءَ اخبار پهريان هفتيوار هئي، جيڪا بعد ۾ روزاني ٿي. هن اخبار سياست ۽ ادبي دنيا ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. هن اخبار جو مزاحيہ ڪالم ’ملا لٽر‘ مشھور هو. سيد حسام الدين ۽ لطف ﷲ بدوي هن اخبار جا مضمون نگار هئا. هن اخبار کي پنھنجي پريس هئي. ستارہ سنڌ اخبار 1938ع ۾ بند ٿي وئي هئي.