ستار حسين خان

ستار حسين خان

ستار حسين خان

ستار حسين خان (موسيقار): مشھور فلمي موسيقار ستار حسين خان ولد جمال خان 1949ع احمد شاھہ بخاريءَ جي درگاھہ لڳ جامع ڪلاٿ مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم اتي ئي حاصل ڪئي، سندس والد جمال خان بھترين سارنگي نواز هو ۽ سندس چاچو رحمان خان وقت جو وڏو طبلي نواز هو. سندس والد ۽ چاچو آل انڊيا ريڊيو جي انڊور اسٽيشن تي ڪم ڪندا هئا، جڏهن تہ سندس ماما الطاف خان ۽ فياض خان پنھنجي وقت جا گني گويا هئا، جيڪي احمد آباد بڙودا تي پروگرام ڪندا هئا. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ، ڏهن سالن جي عمر ۾ هيءُ پنھنجي وڏي ڀاءُ عبدالغني خان سان ڍولڪ تي سنگت ڪندو هو. اهڙيءَ طرح ستن سالن اندر هو ڍولڪ جو ماهر ٿي ويو. هن پهريون ڀيرو فلم ’بنجارن‘ ۾ ميڊم نور جھان جي گاني ’نہ جاني کيسا سفر هي ميرا‘ ۾ ڍولڪ وڄائي. ستار حسين خان انهيءَ فلم ۾ ڊيبو ڀٽا چاريه جو چيف اسسٽنٽ هو ۽ ٻارهن سالن تائين ساڻس ڪم ڪندو رهيو. ان کانپوءِ هن سنڌ جي مشھور موسيقار ڀائرن غلام نبي، عبداللطيف جي شاگردي اختيار ڪئي ۽ 25 سالن تائين انهن سان گڏجي ڪم ڪندو رهيو. انهيءَ دوران هو ’عورت اور زمانه‘، ’پرائي بيٽي‘، ’سورٺ‘، ’ڌرتي لال ڪنوار‘، ’رم جهم‘، ’آگ ڪا دريا‘، ’بادل ۽ برسات‘، ’دوستانه‘، ’مين ڪهان منزل ڪهان‘، ’مومل راڻو‘ ۽ ٻين فلمن ۾ چيف اسسٽنٽ رهيو. هن ٻين بہ ڪيترن موسيقارن، ماستر عبدالله، نثار بزمي، روبن گهوش، بشير احمد، ڪريم شھاب الدين، خليل احمد، محسن رضا، نذير احمد، نياز احمد وغيرہ سان فلمي گانن تي موسيقيءَ ۾ ساٿ ڏنو. ستار حسين خان 1973ع ۾ نامياري هارمونيم نواز استاد حبيب الدين ۽ استاد صادق حسين وٽان هارمونيم سکيو. 1982ع ۾ هندستان ويو، جتي سندس ملاقات شنڪر جئہ ڪشن سان ٿي، هيءَ ملاقات خانصاحب نورخان ميرٺ واري ڪرائي. ساڳئي وقت سندس ملاقات لڪشمي ڪانت پياري لال سان بہ ٿي. هن انهن سان گڏجي ’پاپي پيٽ ڪا سوال‘، ’ڪولهي‘، ’سوتن‘ ۽ ’سچائي‘ فلمن جون ڌنون ٺاهيون. ترت ئي سندس واسطو انو ملڪ ۽ بپي لهري موسيقارن سان ٿيو. هن جي فلمن ’هلچل‘، ’تيري ميري سپني‘، ’يادون ڪي بارات‘، ’سپني‘ ۽ ’سوغات‘ جي موسيقي ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. پاڻ اتي 10 مهينا رهيو، کيس روڪيو ويو تہ هو پاڪستان نہ وڃي، لڪشمي ڪانت، پياري لال ۽ ٻين موسيقارن کيس ٽن سالن لاءِ روڪڻ گهريو، پر سندس خاندان ڪراچيءَ ۾ هو، سندس والدہ بہ زندھہ هئي، انڪري مجبوراً کيس واپس ٿيڻو پيو. جڏهن هو هندستان ويو هو تہ هن هڪ ڪئسٽ ڪڍي هئي، جيڪا لعل شھباز قلندر جي ڌمالن تي مشتمل هئي. ستار حسين خان 1973ع ۾ پهريون ڀيرو مائي ڀاڳيءَ کي سندس مشھور ٿري لوڪ گيت ’کڙي نيم ڪي نيچي‘ ڳارايو، جيڪو بيحد پسند ڪيو ويو ۽ مائي ڀاڳيءَ جي مقبوليت جو سبب بڻيو ۽ پوءِ 1976ع ريڊيو پاڪستان تي مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾ ساڳيو گيت رڪارڊ ٿيو هو. هن 1980ع ۾ حميره چنا کي ڪئسٽ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، انهيءَ دوران فلم ’الف ليلى‘ غلام محمد چنا ٺاهي هئي، جنهن جي موسيقي بہ ترتيب ڏنائين. هن فلم جا ڇھہ گانا حميره چنا جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا. 1982ع ۾ هن سنڌي فلم ’جانو ڌاڙيل‘ جي موسيقي ترتيب ڏني، هن انهيءَ فلم ۾ محمد يوسف، افشان بيگم ۽ ثمر اقبال کي پهريون ڀيرو ڳارايو. 1983ع ۾ کيس سنڌي فلم ’طوفان‘ جي موسيقي ترتيب ڏيڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ هن سجاد يوسف ۽ علڻ فقير کي فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. 1984ع ۾ فلم مستي خان جي موسيقي ترتيب ڏنائين، جنهن ۾ ميڊم نور جهان، مهدي حسن، مهناز، ناهيد اختر، غلام عباس ۽ محمد علي شهڪيءَ کي ڳارايو. 1986ع ۾ مهدي حسن جي غزلن جا شاليمار ڪمپنيءَ طرفان ٻہ البم ’جب عشق تجهي هو جائي گا‘ ۽ پنجابي گانن جو البم ’موهڻي من موهڻي‘ جي نالي سان بہ ترتيب ڏنائين. ستار حسين خان 1985ع ۾ ’ڌرتي منهنجي ماءُ‘، ’همت‘ ۽ ’مڱ‘ جي موسيقي پڻ ترتيب ڏني. 1986ع ۾ هن ’دوپٽه پيار ڪا‘ ۽ ’ميرا نصيب‘ (ڊائريڪٽر راجا) فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، پر اهي فلمون رليز نہ ٿي سگهيون. 1987ع ۾ لاهور وڃي نصيبو لال، نورا لال، زيبو لال، رياض علي، امتياز علي، ترنم ناز، عذرا جهان، افشان، آصف مهدي، اڪرام مهدي، سجاد حسين، صنم مارئي، حميره شاهين، ديبا ڪنول، ناياب، خوشبو لغاري ۽ ٻين فنڪارن جا البم ڪڍيائين، جيڪي موسيقيءَ جي حوالي کان بيحد پسند ڪيا ويا. ستار حسين خان 1985ع ۾ حيدرآباد اچي رهيو تہ امير علي خان'>استاد امير علي خان جي معرفت نامياري براڊڪاسٽر ۽ ليکڪ نصير مرزا سان مليو، جنهن سندس موسيقيءَ ۾ چار ملي نغما ترتيب ڏياريا، جن ۾ ذوالفقار علي، مظهر حسين، امبر مهڪ، استاد امير علي ۽ تعمير حسين جهڙن فنڪارن کان ڳارايو ويو. اهي نغما تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. 1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سالگرھہ جو پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ محمد علي، مصطفى قريشي صاحب ۽ ٻيا شامل هئا. اهو پروگرام ’ديا جلائي رکنا‘ جي نالي سان اسلام آباد هيڊڪوارٽر تائين بيحد پسند ڪيو ويو. خان '>ستار حسين خان حيدرآباد جي قلعي ۾ رهي ٿو، کيس هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.


لفظ ستار حسين خان ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو