ستاول: هي اڇي رنگ جي هڪ پاڙ آهي، جيڪا ڪاٺين جي تيلن وانگر ڊگهي ٿيندي آهي. زهر جو هڪ ٽڪ علاج آهي. ٻرهل ۽ جگر جي سوڄ کي تحليل ڪري ٿي، معدي مان خراب مادن کي ڪڍي ٿي، معدي جي ڪيڙن کي ماري ٿي، جلندر، عرق النساء، سنڌن جي سور، بواسير بادي ۽ بواسير خوني لاءِ مفيد آهي. قوت باھہ وڌائي ۽ بدن کي ٿلهو ڪري ٿي ۽ حمل ڪيرائي ٿي.