ستاوڙو

ستاوڙو: شاديءَ کانپوءِ جي هڪ رسم. ’ستاوڙي‘ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي تہ ”شاديءَ جي ستين ڏينهن ڪنوار جي پنهنجن پيڪن جي گهر ۾ پهريون ڀيرو وڃڻ جي رسم“. پرڻجڻ کانپوءِ ستين ڏينهن ڪنوار، ميٽ ۽ تيل سان وهنجي نئون وڳو پائيندي آهي. ستاوڙي تي گهوٽ پنھنجي ڪنوار کي سندس پيءُ ماءُ جي گهر وٺي ويندو آهي. ان موقعي تي دعوت ڪئي ويندي آهي، جتي ڪنوار جا سمورا مٽ مائٽ اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ ڪنوار سان ملاقات سان گڏوگڏ کل ڀوڳ ۽ خوشيءَ جا لمحا ونڊيندا آهن.


لفظ ستاوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو