سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي

سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي: نامور شاعر ۽ ليکڪ سترامداس، 25 آڪٽوبر 1904ع تي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو هو. هن ڪجهہ مذهبي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. هن ڀاڳوت گيتا جو پهريون حصو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو ان وقت ڇپيو هو. ان کان سواءِ ‘سنتن جي سکيائن جو تت’ (Guide at a glance) ۽ ‘مختصر بائيبل’ (Bible in nut Shell) بہ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا هئائين. سندس گهڻي دلچسپي مذهبي ادب ڏانهن رهي. ان سلسلي ۾ سندس هڪ ٻيو ڪتاب ‘روحاني روشني’ بہ شايع ٿيل آهي. ورهاڱي کانپوءِ پونا (هندستان) ۾ وڃي رهيو. سندس زندگيءَ بابت وڌيڪ مواد نہ ٿو ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو