ستسنگ

ستسنگ

ستسنگ

ستسنگ: ستسنگ جو مفهوم ’سچن جو سنگ‘ يا ’ستن ڀڳتن جو ڀڳتي راڳ‘ آهي. اڳي ست ڄڻا گڏجي ڀڳتي ڪندا هئا ۽ ائين ڀڳتيءَ جي ان طريقي کي ’ستسنگ‘ جو نالو ڏنو ويو. سمورا ڀڳت سُر ۽ تال جا پڪا هوندا هئا. هڪ ڀڳت، هڪ باجو وڄائيندو هو، هڪ يا ٻہ ڄڻا پڪواز تي هوندا هئا، ٻہ کن ننڍي ٽهيءَ وارا اڪثر ناچ ڪندا هئا. هاڻي ’ست سنگ‘ ۾ ستن ڄڻن جو هجڻ ضروري نہ هوندو آهي.
ستسنگ ڀڳتي موسيقيءَ جو نمونو آهي، جيڪا هندي تھذيب جي ڪٿڪ وانگر آهي، جنهن ۾ ڀڳت، دوها، ڀڄن، واڻيون ۽ ڪافيون ڳائبيون آهن.
تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ستسنگ جو بنياد قديم فن تي ٻڌل آهي. ڀڳتيءَ دوران مُک ڀڳت ڳائڻ سان گڏ واڻيءَ جا بند پڙهي ٻُڌائيندو آهي ۽ ٻڌندڙن مان ڪو هڪ سامهون وراڻي ڏيندو آهي. ستسنگ ٻڌندڙن کي دنياوي جهنجهٽن کان آزاد ڪري، هڪ تصوراتي دنيا ۾ پھچايو ڇڏي ٿو.
تيرهين صديءَ ۾ ’ڀڳتي تحريڪ‘ بہ هلي هئي. جيڪا هند کان پوءِ سنڌ ۾ بہ پکڙي هئي. سنڌ ۾ سڌني ڀڳت ۽ سامي (1743-1850ع)، ڀارت ۾ سنت رويداس، ڀڳت ڪبير (1440-1518ع)، سُورداس، ڪَوِي تُلسِي داس (1532-1623ع)، دادو ديال (1544-1603ع)، ميران ٻائيءَ
(1498-1565ع) جو ڀڳتيءَ جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار آهي.
سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان وٺي ڪيترا نامور ڀڳت ٿي گذريا آهن، جن ۾ سنت سترام داس ۽ ڀڳت ڪنورام جا نالا دنيا ۾ مشھور آهن. هن وقت ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٽنڊي آدم، رهڙڪي توڙي سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ موجود مکيہ مندرن ۾ ستسنگ ٿيندا رهن ٿا. ٿر واري پاسي موهن ڀڳت ۽ چاندارام سٺا ڀڳت ٿي گذريا آهن. هن وقت ڀڳت بصر مل، ڀڳڙو ناچيز، ڀڳت آسن ميگهواڙ، ڀٽو ميگهواڙ، کيمون ميگهواڙ وغيرہ مشھور ڀڳت ليکيا وڃن ٿا، جيڪي ستسنگ ڪندا رهن ٿا. موهن ڀڳت جو ڀاءُ سروپ ڀڳت بہ سٺو ڀڳت هو. هن وقت موهن جو پٽ شنڪر ڀڳت پنھنجي ساٿين سان گڏ ستسنگ ڳائيندو آهي.


لفظ ستسنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو