ستلج ندي

ستلج ندي

ستلج ندي

ستلج ندي: هيءَ ندي سنڌو درياھہ جي ڀرتي ڪندڙ درياهن مان هڪ آهي، جيڪا هماليہ جبل تي، ٿٻيٽ جي ڏکڻ اولھہ مان 15200 فوٽ بلنديءَ تان وهي، پهرين هندستاني علائقن مان ٿيندي اچي ٿي، جتان رستي ۾ بياس ندي ڇوڙ ڪري ٿي. ان کان پوءِ هيءَ ڏکڻ اولھہ طرف پاڪستان ۾ پنجاب جي علائقي کان داخل ٿي وهي ٿي. هيءَ ندي پڻ سنڌو طاس معاهدي هيٺ هندستان کي وڪرو ڪيل آهي ۽ هن جي پاڻيءَ تي هندستان جو قبضو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هيءَ ندي پاڪستان جي حدن ۾ سال جو اڪثر حصو خشڪ رهندي آهي. هن نديءَ ۾ برساتن جو پاڻي وڏي مقدار ۾ وهي هلندو آهي، خاص ڪري ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ هيءَ ندي تار وهندي آهي.
ستلج نـديءَ جي ڪل ڊيگهہ 300 ميل آهي. هيءَ ندي پنجـاب جي چولستان واري حصي کي سيراب ڪندي پنج ند وٽان ٽن گڏيـل اتريـن دريـاهـن (جهلم، راوي ۽ چناب) سان ملي ٿي، جتان وري سـنڌوءَ ۾ مـلي ٿي.


لفظ ستلج نديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو