ستن شھيدن جون قبرون

ستن شھيدن جون قبرون (ماڳ): هي قبرون ’ميان جا قبا‘ نالي تاريخي قبرستان لڳ دولتپور ضلعي نوابشاھہ (موجودہ بينظيرآباد) ۾ موجود آهن. هي قبرستان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نسبت سان ’ميان جا قبا‘ نالي مشھور آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هن قبرستان جي اتر ۾ ستن درويشن جون قبرون آهن، جن جي باري ۾ روايتون آهن تہ اهي اچ جا درويش هئا ۽ جھانيان جھان گشت سان گڏجي، سيد سلطان شاھہ بخاريءَ سان هم رڪاب ٿي، سنڌ ۾ آيا هئا. اهي درويش شھيد ٿيڻ کانپوءِ هن هنڌ تي دفن ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو