ستيه پال

ستيه پال: شاعر ۽ نثر نويس سلمان شيخ جو اصل نالو ستيه پال هو. هي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ دوران هڪ ڪلاس فيلو ڇوڪريءَ جي عشق ۾ مسلمان ٿيو. سلمان 1980ع کان وٺي ستيه پال جي نالي سان سياسي، سماجي ۽ ادبي حوالي سان سرگرم رهيو. شاعري ۽ نثر لکڻ سان گڏ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج تي بہ ڪم ڪيائين. 1992ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان گرئجوئيشن ڪيائين. گڏوگڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڻ ماسٽرس ڪيائين. ان کانپوءِ هن آسٽريليا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي، جتي فلم ۽ وڊيو پراڊڪشن ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪيائين. کيس 1997ع ۾ آسٽريليا جي شھريت ملي. آسٽريليا ۾ رهڻ دوران هن ٻہ مختصر فلمون ٺاهيون، جن مان هڪ انٽرنيشنل آرٽس فيسٽيول آسٽريليا لاءِ چونڊي وئي. هن ڪجهہ عرصو آسٽريليا جي اخبارن ۾ مضمون بہ لکيا. هن سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ بہ شاعري ڪئي آهي. سندس انگريزي شاعري آسٽريليا، برطانيا ۽ آمريڪا جي رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. سندس سنڌي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’هڪ بي نانءُ ڪتاب‘ جي نالي سان 1992ع ۾ شايع ٿيو هو. ڊاڪٽر سلمان شيخ هن وقت سڊنيءَ ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ ستيه پالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو