ستي جتي جو مقبرو

ستي جتي جو مقبرو

ستي جتي جو مقبرو

ستي جتي جو مقبرو: ستي جتي نالي سان مشھور بزرگ جو اصل نالو يوسف فقير هو، هن بزرگ جو مقبرو شيخن جي گهاڻي، بڊهميءَ جي ڏکڻ اولھہ ۾ ڪڍڻ شھر کان 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ آهي. سامونڊي ڇاڙھہ پڻ هتان کان ٿوري مفاصلي تي آهي. هن لاءِ مشھور آهي تہ هن سڄي ڄمار شادي نہ ڪئي، نهايت پرهيزگار ۽ نفس شڪن هو، سندس پرهيزگاري ۽ تقوى سـبـب مـٿـس نـالـو ئي ’ستي جتي‘ پيو. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي عقيدت وچان مٿس مقبرو اڏايو هو، جيڪو ڪجهہ وقت اڳ زبون حال ٿي وڃڻ ڪري ڊهي ويو، جنهن جي بنيادن تي ئي هاڻي اتي نئون مقبرو تعمير ڪيو ويو آهي. مقبري جو نمونو ساڳيو ئي رکيو ويو آهي، پر ان جي تعمير ۾ سيمينٽ ۽ پڪيون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. مقبري جي چؤڌاري سيمنٽ سان پلستر ٿيل پڪين سرن جي ننڍي ديوار جو احاطو ڏنو ويو آهي. اڱڻ ۾ پڪين سرن جي فرش بندي ٿيل آهي. مقبري جي عمارت سادي طرز تعمير واري آهي. مهاڙيءَ ۾ ونگانئين لنگهہ ۾ چؤڪاٺي سان دروازو ڏنل آهي. ٻاهران چارئي پاسا سيمنٽ سان لتل آهن. ٻيڙٻني تي ڪنگريون ۽ چئني ڪنڊن تي ننڍا ٿنڀ ٺاهي، انهن تي ننڍا گنبذڙا ٺاهيا ويا آهن. ڇت تي گول گنبذ آهي. مقبري تي ڪنهن بہ قسم جو جنسار يا رنگ روغن ڪيل ناهي. اندر ماربل جي فرشبنديءَ سان ٿلهي تي ٻہ مزارون موجود آهن، جن مان هڪ مزار بزرگ ’ستي جتيءَ‘ جي ۽ ’ٻي ميان وال تحريڪ‘ جي اهم شخص ’تگيي فقير‘ جي آهي. مقبري جي ڀر ۾ خلاصو ميدان آهي، جتي چڱي خاصي ايراضيءَ ۾ پڪيون سرون ۽ انساني هڏا پکڙيل نظر اچن ٿا. لطيف سائين جو حافظ ناٿو فقير لنڊ درگاھہ ’ستي جتيءَ‘جو گادي نشين هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو