ستھہ وارو دڙو (ماڳ): هي دڙو ديھه کهياري، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. ھي ماڳ ستھہ واري ويريءَ ۾ ھڪ وڏو ڀڙو ھوندو ھو، جنھن جو گهڻو حصو هينئر آباديءَ ھيٺ اچي ويو آھي. ھاڻي فقط پنجن ڇھن ايڪڙن تي وڏو ٺڪراٺو موجود آھي. ٺڪراٺو سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جهڙو آھي. هتان پوئين دور جو ٺڪراٺو بہ ملي ٿو، جيڪو صفا مٿاڇري تي موجود آھي. ڪجهہ سال اڳ ھن ڀڙي جي ڀرسان ھڪ ھڏائون پڃرو لڌو ويو ھو. ھارين جي چوڻ موجب اھو پڃرو عام ماڻھوءَ جي پڃري کان ڪي قدر وڏو ھو. ھتان ڪجهه ٺڪر جا مٽ بہ ھٿ آيا. چٽيل ٺڪريون بہ مليون آھن. ھن ماڳ جي کوٽائي ٿيل ڪانہ آھي.