ست سرا/ ست سري: سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ ست سرا بيت جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ست سر سمايل هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن سگهڙ ستن سرن بدران ٽي يا چار سر به ڪم آڻيندا آهن، جنهنڪري انهن مان ڪن بيتن کي دُراها پڻ سڏيو ويندو آهي. هنن بيتن جي سرن ۾ ظاهري هڪڙي معنيٰ ۽ ڳجهي ٻي معنيٰ سمايل هوندي آهي. ست سرا بيت لوڪ ادب جي مختلف صنفن، ڳجهارتن ۽ هنرن ۾ ڪم آندا ويندا آهن، جن کي ست سريون ڳجهارتون يا ست سرا هنر چيو ويندو آهي.
ست سري هنر يا ڳجهارت ۾ مختلف سر جهڙوڪ: مومل راڻو، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي ۽ ٻيا ڪم ايندا آهن. ست سرو يا ست سري هڪ ئي صنف آهي. اهڙو ڪتاب، جنهن ۾ ستن قسمن جي بيتن جو مواد يا ست باب آندل هجن، جھڙوڪ: ڪانگل جا بيت، فراق يا وڇوڙي جا بيت، کينهي جا بيت، سارنگ جا بيت، سسئيءَ جا بيت، متفرقه بيت وغيره، ته اُن کي ست سرو چئبو آهي. اٺن سرن واري ڪتاب کي اٺ سرو ۽ نون سُرن واري کي نوَ سُرو ڪتاب پڻ چيو ويندو آهي.
سگهڙن ست سري بيت يا هنر کي وڌيڪ سهڻي بنائڻ لاءِ ان ۾ معنيٰ جا مختلف رنگ رکيا يعني ظاهري هنر يا ڳجهارت هڪ سر ۾ هوندي آهي، پر ان جي باطني معنيٰ ٻئي سر ۾ نڪرندي آهي.
ست سرا يا ست سري ٽن نمونن جي ٿئي: (1) هنر کان ٻاهر يا سڌي سڌي سنواٽي، (2) هنر ۾، (3) ڳجھارت ۾.
ست سري جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
موکي متارن لاءِ، ٿي سرڪي سنجهوهي،
سهڻي منهن مهراڻ جي، ڇمڪي پئي ڇوهي،
پنهل ڪارڻ سسئي، پئي رندن تي روئي،
ليليٰ خاطر مجنون، ڇڏيو ويڻ وروهي.
مومل محلاتن ۾ پئي، مردن کي موهي،
سر جي صدا سُر ۾، چنگ پيو چوئي،
ليلان، چنيسر لاءِ، پار ڪڍيو پوئي،
لنڊي ويئي لوئي، لوڪ ۾ لعلڻ چوي.
هن بيت جي هر مصرع ۾هڪ سُر آهي، يعني هن بيت ۾ موکي متارا (سر ڪلياڻ)، سهڻي ميهار (سر سهڻي)، پنهون '>سسئي پنهون (سر سسئي)، ليليٰ مجنون، مومل راڻو (سر مومل راڻو)، سورٺ (سر سورٺ) ۽ ليلا چنيسر (سر ليلا چنيسر) سڌا سنوان سُر آهن ۽ منجھن هنر واري ڪا لڪ رکيل نه آهي.
سنڌيءَ ۾ هڪ اصطلاح به مشهور آهي: ’ست سُريون ٻڌائڻ‘. ست سري صنف اڄ به لوڪ شاعريءَ ۾ سگھڙ ڪم آڻيندا آهن.