ست سرا ست سري

ست سرا/ ست سري: سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ ست سرا بيت جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ست سر سمايل هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن سگهڙ ستن سرن بدران ٽي يا چار سر بہ ڪم آڻيندا آهن، جنهنڪري انهن مان ڪن بيتن کي دُراها پڻ سڏيو ويندو آهي. هنن بيتن جي سرن ۾ ظاهري هڪڙي معنيٰ ۽ ڳجهي ٻي معنيٰ سمايل هوندي آهي. ست سرا بيت لوڪ ادب جي مختلف صنفن، ڳجهارتن ۽ هنرن ۾ ڪم آندا ويندا آهن، جن کي ست سريون ڳجهارتون يا ست سرا هنر چيو ويندو آهي.
ست سري هنر يا ڳجهارت ۾ مختلف سر جھڙوڪ: مومل راڻو، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي ۽ ٻيا ڪم ايندا آهن. ست سرو يا ست سري هڪ ئي صنف آهي. اهڙو ڪتاب، جنهن ۾ ستن قسمن جي بيتن جو مواد يا ست باب آندل هجن، جھڙوڪ: ڪانگل جا بيت، فراق يا وڇوڙي جا بيت، کينهي جا بيت، سارنگ جا بيت، سسئيءَ جا بيت، متفرقه بيت وغيره، تہ اُن کي ست سرو چئبو آهي. اٺن سرن واري ڪتاب کي اٺ سرو ۽ نون سُرن واري کي نوَ سُرو ڪتاب پڻ چيو ويندو آهي.
سگهڙن ست سري بيت يا هنر کي وڌيڪ سھڻي بنائڻ لاءِ ان ۾ معنيٰ جا مختلف رنگ رکيا يعني ظاهري هنر يا ڳجهارت هڪ سر ۾ هوندي آهي، پر ان جي باطني معنيٰ ٻئي سر ۾ نڪرندي آهي.
ست سرا يا ست سري ٽن نمونن جي ٿئي: (1) هنر کان ٻاهر يا سڌي سڌي سنواٽي، (2) هنر ۾، (3) ڳجهارت ۾.
ست سري جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
موکي متارن لاءِ، ٿي سرڪي سنجهوهي،
سھڻي منهن مهراڻ جي، ڇمڪي پئي ڇوهي،
پنھل ڪارڻ سسئي، پئي رندن تي روئي،
ليليٰ خاطر مجنون، ڇڏيو ويڻ وروهي.
مومل محلاتن ۾ پئي، مردن کي موهي،
سر جي صدا سُر ۾، چنگ پيو چوئي،
ليلان، چنيسر لاءِ، پار ڪڍيو پوئي،
لنڊي ويئي لوئي، لوڪ ۾ لعلڻ چوي.
هن بيت جي هر مصرع ۾هڪ سُر آهي، يعني هن بيت ۾ موکي متارا (سر ڪلياڻ)، سھڻي ميهار (سر سھڻيپنھون '>سسئي پنھون (سر سسئي)، ليليٰ مجنون، مومل راڻو (سر مومل راڻو)، سورٺ (سر سورٺ) ۽ ليلا چنيسر (سر ليلا چنيسر) سڌا سنوان سُر آهن ۽ منجهن هنر واري ڪا لڪ رکيل نہ آهي.
سنڌيءَ ۾ هڪ اصطلاح بہ مشھور آهي: ’ست سُريون ٻڌائڻ‘. ست سري صنف اڄ بہ لوڪ شاعريءَ ۾ سگهڙ ڪم آڻيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو