ست پنٿ

ست پنٿ: هي نزاري اسماعيلي فرقي ۽ صوفي سلسلي جي هڪ شاخ آهي، جڏهن 700 سال اڳ اسماعيلي پير صدرالدين (1367- 1290) طرفان ۽ 600 سال اڳ سندس پوٽي پير امام شاهه (1520- 1430) طرفان هندن کي مسلمان ڪيو ويو هو ته اهي خواجا سڏيا ويا. انهن مان هي فرقو ڌار ٿيل آهي. اهي نزاري خواجن کان ڪجهه مختلف آهن ۽ آغا خان جا پوئلڳ ڪونه آهن. انهن کي عام طور امام شاهي به سڏيو ويندو آهي. اهي گجرات ۽ احمدآباد ويجهو پيرانه علائقي ۾ رهن ٿا، جتي پير امام شاهه دفن ٿيل آهي. هن فرقي جو بنياد گجرات جي رهاڪو ڪڇين ۾ پيو. اهي پنهنجا هندو نالا قائم رکندا اچن. هن پنٿ وارا پنهنجي جماعت خانن ۾ پير صدرالدين ۽ پير ستگر نور جا گنان پڙهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو