سج
سج
سج (Sun): سج هڪ اهڙو ستارو آهي، جهڙا اسان ڪيترا ستارا رات جو ڏسندا رهون ٿا، پر هنن ستارن ۾ فرق رڳو مفاصلي جو آهي. يعني سج کان سواءِ ٻيا ستارا اسان کان ڪيترائي نوري سال پري آهن، جڏهن ته سج رڳو ايترو پري آهي، جو ان جي روشنيءَ کي اسان تائين پهچڻ ۾ اٽـڪـل 8 منٽ لڳن ٿا. سج گذريل 4.5 بلين سالن کان وٺي بَکندو رهيو آهي، هن ۾ گئس جو تمام وڏو ڀنڊار آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي هئڊروجن (Hydrogen) ۽ هيليم (Helium) گئس ٿئي ٿي. جيئن ته سج تمام وڏو آهي، ان ڪري منجهس ڇڪ به زبردست آهي. سج گهڻي ڪششي زور هجڻ ڪري هئڊروجن ۽ هيليم گئس سان گڏ پنهنجي محور وارن ٻين سيارن کي به جهليو بيٺو آهي.
عام طور اهو چيو ويندو آهي ته سج ٻري ٿو، ٻرڻ مان مطلب سج جو ڪاٺيءَ وانگر ٻرڻ نه آهي، پر ان مان مراد هڪ وڏي نيوڪليئر ري ايڪٽر جي ورتي ويندي آهي. ستارن جي درجي بندي جي لحاظ کان سج هڪ G2 قسم جو ستارو آهي. اهڙيءَ درجي بنديءَ جو بنياد گرمي ۽ روشنيءَ جون اهي لهرون آهن، جيڪي منجهانئس خارج ٿينديون رهن ٿيون. آسمان ۾ G2 جهڙا بيشمار ستارا موجود آهن، اهڙن اربين ستارن مان سج به هڪ آهي، جيڪو اسان جي ڪهڪشان (galaxy) ۾ گردش ڪندو رهي ٿو.
سج گئس جو ٺهيل آهي ۽ ان جو مٿاڇرو نهرو نه آهي، جڏهن ته ان جو هڪ مخصوص ڊول آهي. جوڙجڪ جي لحاظ کان سج کي هيٺين ٽن مکيه حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
ڪور (Core): سـج جـو مرڪز، جنهن جو 25 سيڪڙو سج جي نـيم قـطـر (radius) تائين ٿئي ٿو.
ريڊيئيٽو زون (Radiative Zone): هي حصو مرڪز جي ڪور کان ترت پوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ ان جي نيم قطر جو 45 سيڪڙو ٿئي ٿو.
ڪنويڪٽو زون (Connective Zone): هي حصو سج جو بلڪل ٻاهريون ڇلي جهڙو آهي، جيڪو نيم قطر جو 30 سيڪڙو ٿئي ٿو.
سج جي مٿاڇري کان مٿي سج جو وايومنڊل (Atomsphere) ٿئي ٿو، جنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
فوٽو اسفيئر (Photosphere): هي سج جي وايومنڊل جو بلڪل اندريون حصو ٿئي ٿو ۽ اهو ئي حصو اسان ڏسي سگهون ٿا.
ڪرومو اسفيئر (Chromosphere): هي حصو فوٽو اسفيئر ۽ ڪورونا جي وچ ۾ ٿئي ٿو ۽ فوٽو اسفيئر کان وڌيڪ گرم ٿئي ٿو.
ڪورونا (Corona): هي سج جو بلڪل ٻاهريون تهه ۽ انتهائي گرم حصو ٿئي ٿو ۽ ڪرومو اسفيئر کان ڪيترا لکين ڪلوميٽر باهه تي ڦهليل ٿئي ٿو.
سج جي سمورن مکيه خاصيتن جو بيان انهن نيوڪليائي ردعملن رستي ڪري سگهجي ٿو، جيڪي توانائي پيدا ڪن ٿا، ان جي گئس ۽ شاهي ڪشش جي چرپر سبب پيدا ٿيندڙ مقناطيسي فيلڊ (يا دائرو) وجود ۾ اچي ٿي.
اهڙيون سڀ ڳالهيون سج جي ڪور ۾ ئي پيدا ٿين ٿيون. سج جو ڪور، سج جي مرڪز کان شروع ٿئي ٿو. ٻاهر طرف وڌندو، سج جي 25 سيڪڙو نيم قطر کي گهيري ڇڏي ٿو. ان جو گرمي پد 15 ملين ڊگريون ڪيلون (Kelvin) کان به وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪور جي ڪشش سڄي مادي کي اندر تي ڇڪيندي هڪ زبردست دٻاءُ پيدا ڪري ٿي. اهو دٻاءُ ايترو زبردست ٿئي ٿو، جو ان جي زور سبب هئڊروجن جا ائٽم پاڻ ۾ ملي هڪ ميلاپ يا نيوڪليائي فيوزن (nuclear fusion) ردعمل پيدا ڪن ٿا، جنهن سبب هئڊروجن جا ٻه ائٽم ملي هيليم-4 ۽ درجي بدرجي توانائي پيدا ڪن ٿا:
(1) ٻه پروٽان ملي ڊيوٽيرم (deuterium) جو هڪ ائٽم (هئڊروجن، نيوٽران ۽ پروٽان جو هڪ ائٽم)، هڪ پوزيٽران (positron)، (اليڪٽران جهڙو پر واڌو برقي) ۽ نيوٽران (neutron) ٺاهين ٿا.
(2) هڪ پروٽران ۽ ڊيوٽيرم ائٽم ملي، هيليم-3 جو هڪ ائٽم ٺاهين ٿا، (ٻه پروٽران هڪ نيوٽران سان) ۽ گاما شعاع پيدا ڪن ٿا.
(3) هيليم-3 جا ٻه ائٽم ملي هيليم -4 جو ائٽم ۽ ٻه پروٽران ۽ ٻه نيوٽران ٺاهين ٿا.
اهڙن رد عملن سبب سج جي 85 سيڪڙو توانائي ان ريت پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ته 15 سيڪڙو توانائي هيٺين رد عمل رستي پيدا ٿئي ٿي.
(1) هيليم -3 ۽ هيليم -4 جو هڪ هڪ ائٽم ملي بيريليم -7 (چار پروٽان ۽ ٽي نيو ٽران) ۽ گاما ڪرڻا پيدا ڪن ٿا.
(2) بيريليم -7 جو ائٽم هڪ اليڪٽران حاصل ڪري لٿيم -7 جو ائٽم ۽ هڪ نيوٽرينو ٿي وڃي ٿو. (3 پروٽان ۽ 4 نيوٽران).
(3) ليٿيم-7 پروٽران سان ملي هيليم -4 جا ٻه ائٽم ٺاهي ٿو، جيئن ته هيليم -4 جا ائٽم، هئڊروجن جي ٻن ائٽمن کان گھٽ وزني ٿين ٿا، جيڪي اهڙو عمل شروع ڪرائين ٿا. تنهنڪري مادي جو اهڙو فرق توانائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، جنهن جي وضاحت آئنسٽائين جي متي (E=mc2) ۾ ڪيل آهي. اهڙي توانائي روشنيءَ جي ڪيترن روپن ۾ خارج ٿئي ٿي، جهڙوڪ: الٽرا وايوليٽ، ڏسڻ ۾ ايندڙ روشني، الفرا ريڊ، مائڪرو ويو ۽ ريڊيو ويو.
ساڳئي وقت سج توانائي ناڙ جزا (پارٽيڪل به) خارج ڪري ٿو (نيوٽرينو ۽ پروٽان)، جڏهن شمسي هوائون (Solar Wind) ۽ اهڙي توانائي زمين سان اچي ٽڪرائجي ٿي ته هن گرهه کي گرم ڪري ٿي، موسمون پيدا ڪري ٿي ۽ هر قسم جي زندگيءَ لاءِ توانائي مهيا ڪري ٿي، جيئن ته ڌرتيءَ جو وايومنڊل اسان جو بچاءُ ڪندو رهي ٿو، ان ڪري اسان گهڻي ڀاڱي سج جي شعاعن يا شمسي هوائن سبب متاثر ٿي نه ٿا سگهون.
(4) سج جو اندريون حصو - (ريڊئيٽو ۽ ڪنيڪٽو زون): سج جي ڪور کان پوءِ ٻاهر تي پکڙجندڙ ريڊئيٽو زون ٿئي ٿو، جيڪو سج جي نيم قطر جو 45 سيڪڙو ٿئي ٿو. هن زون کان ٻاهر توانائي فوٽانس (Photons) يا روشني جي ايڪن رستي خارج ٿئي ٿي. ڪنويڪشن سبب ڪنويڪشن زون ۽ توانائيءَ جو عمل بلڪل ائين ٿئي ٿو، جيئن ڪنهن گرم پاڻيءَ جي ٿانو کي ٽهڪائي ٿو، تنهنڪري ريڊئيٽو زون کي هڪ اهڙي بريز جيان سمجهي سگهجي ٿو، جنهن تي ٿانو رکبو آهي. اتان گرميءَ جا بوڙيا (Bubbles) پيدا ٿي مٿاڇري ڏانهن هليا وڃن ٿا، جڏهن ڪو بوڙيو مٿانهين هنڌ تي پهچي ٿو ته ٺري وري تري ۾ ٻڏي وڃي ٿو. سج ۾ ’مٿاڇرو‘ اصل ۾ ڪنيڪٽو زون هجي ٿو. شمسي گئس جا بوڙيا ڪنيڪٽو زون رستي چوٽيءَ تائين رسڻ سان ٿڌا ٿي وڃن ٿا. اهڙو عمل ڪيترائي ڀيرا ورجائبو رهي ٿو. ريڊئيٽو ۽ ڪنويڪشن زون ۾ فوٽان ۽ گئس جي ماليڪيولن ۾ ڪيترائي ردعمل ٿين ٿا ۽ هڪ فوٽان کي مٿاڇري تائين پهچڻ ۾ اٽڪل 1000 کان 200000 سال لڳي وڃن ٿا. ڌرتــيءَ وانگـر ســج جـو به هـڪ وايو منڊل ٿئي ٿو، جيڪو فوٽو اسفيئر (Photosphere)، ڪرومو اسفيئر (Chromosphere) ۽ ڪورونا (Corona) جو ٺهيل ٿئي ٿو.
فوٽو اسفيئر سج جي وايومنڊل جو هيٺانهون حصو ٿئي ٿو، جيڪو اسان ڏسي سگهون ٿا. سادن لفظن ۾ عام طور فوٽواسفيئر کي ’سج جو مٿاڇرو‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيڪو 300 کان 400 ڪلوميٽر (180 کان 240 ميل) موڪرو آهي ۽ ان جو سراسري طور گرمي پد 5،800 ڪيلون ٿئي ٿو. ان جو مٿاڇرو ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ڦوٽن/ بوڙين وانگر جيان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جن ۾ اڀار، ڪنويڪشن وهڪرن جا مٿيان مٿاڇرا ٿين ٿا ۽ انهن جي هيٺان هر بوڙيو 1000 ڪلوميٽرن (600 ميلن) جيترو به ٿي سگھي ٿو. جيئن جيئن فوٽو اسفيئر کان مٿي وڃبو، تيئن تيئن گرمي پد گھٽبو ويندو ۽ گئسون ٿڌيون ٿينديون وينديون، ان ڪري ايتري گھڻي توانائي خارج نه ٿيون ڪن ۽ اهي انساني اک لاءِ گھٽ غير شفاڦ ٿين ٿيون. ان ڪري فوٽو اسفيئر جو ٻاهريون ڪنارو اونداهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهڙي اثر کي لمب ڊارڪننگ (Limb darkning) سڏجي ٿو، جنهن جي ڪري سج جي مٿاڇري جي ڪني بلڪل چٽي ۽ واضح نظر اچي ٿي.
نظام شمسيءَ جي وچ ۾ سج جي چؤگرد عطارد، زهره، زمين، مريخ، مشتري، زحل، يورنيس، نيپچون ۽ پلوٽو سيارا گردش ڪندا رهن ٿا.
ڪرومو اسفيئر (Chromosphere): ڪرومو اسفيئر فوٽو اسفيئر کان مٿان شروع ٿئي ٿو ۽ اٽڪل 2000 ڪلوميٽرن (1200 ميلن) ۾ پکڙيل ٿئي ٿو. سڄي ڪرومو اسفيئر ۾ گرمي پد 4500 ڊگريون ڪيلون کان وٺي اٽڪل 10000 ڊگريون ڪيلون تائين ٿئي ٿو. ڪرومو اسفيئر ڪانويڪشن سبب گرم ٿيندو رهي ٿو، جيڪو فوٽو اسفيئر ۾ اندر ٿئي ٿو. فوٽو اسفيئر ۾ گئسون جيئن جيئن ولوڙبيون رهن ٿيون، تيئن تيئن شاڪ ويوز (Shock Waves) به پيدا ڪنديون. چوڌاري موجود گئس کي گرم ڪنديون، ڪرومو اسفيئر مان گرم گئس جي تيز چمڪندڙ لاٽ وانگر پار پونديون رهن ٿيون. اهڙو هر اسپيڪيول، فوٽو اسفيئر جي مٿان اٽڪل 5000 ڪلوميٽرن (3000 ميلن) تائين پکڙبو، رڳو ڪجهه منٽ باقي رهي سگهي ٿو. اهڙا اسپيڪول سج جي مقناطيسي فيلڊ جي خط سان به هلي سگهن ٿا، جيڪي سج اندر گئسن جي چرپر سبب پيدا ٿين ٿا.
ڪورونا سج جو آخري تهه ۽ ٻين منڊلن کان ڪيترا لکين ڪلوميٽر ٻاهر پکڙيل ٿئي ٿو، جيڪو سج گرهڻ دوران يا سج جي ورتل ايڪسري ۾ سٺيءَ ريت ڏسي سگهجي ٿو. ڪورونا جو سراسري گرمي پد 2 ملين ڊگريون ڪيلون ٿئي ٿو. ان جي ايتري گرم هجڻ جو ڪارڻ سج جي مقناطيسيت ٿي سگهي ٿي. ڪورونا ۾ روشني (گرم) ۽ اونداها حصا به ٿين ٿا، جن کي ڪورونل هول (Coronal holes) سڏجي ٿو. ڪورونل هول نسبتاً ٿڌا ۽ اهڙا هنڌ ٿين ٿا، جتي شمسي هوا جا پارٽيڪل کسڪي وڃن ٿا. دوربين رستي سج جي اهڙن ڪيترن دلچسپ رخن کي ڏسي سگهجي ٿو، جن جو زمين جي وايومنڊل تي اثر پوندو رهي ٿو، جن مان اهڙا مکيه ٽي آهن: سج جا داغ (Sun Spots)، سولر پراميننس (Solar Prominences) ۽ شمسي بوڙيا (Solar Flares) سج جا داغ اهڙن اونداهن ۽ ٿڌن هنڌن کي سڏجي ٿو، جيڪي فوٽو اسفيئر تي پيدا ٿيندا رهن ٿا. سدائين جوڙن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ زبردست مقناطيسي فيلڊ وارا ٿين ٿا. (ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ 5000 ڀيرا طاقتور) ۽ سج جي مٿاڇري کان اٻڙڪي پون ٿا. مقناطيسي فيلڊ سج جي هڪ داغ مان خارج ٿي، ٻئي مان داخل ٿئي ٿي. مقناطيسي فيلڊ جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ سج جي ڀيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ گئسن جي شدت ٿئي ٿي. سج جا داغ هر 11 سالن کان پوءِ پيدا ٿين ٿا، جن کي سولوسائيڪل (Solar Cycle) سڏيو وڃي ٿو. اهي اهڙا هنڌ ٿين ٿا، جتي سج جون وڌ ۾ وڌ ۽ گهٽ ۾ گهٽ سرگرميون ٿينديون رهن ٿيون. اهڙن 11 سالن جي ڦيرن پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن جي مڪمل ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي، جڏهن ته ان لاءِ ٻه دليل پيش ڪيا وڃن ٿا:
سج جو ناهموار ڇيڙو سج اندر مقناطيسي فيلڊ جي خطن کي ڦيرائيندو ۽ ڇڙوڇڙ ڪندو رهي ٿو، جنهنڪري مقناطيسي خط سج جي مٿاڇري کان ٻاهر نڪري داغن جا جوڙا پيدا ڪندا رهن ٿا. اڳتي هلي مقناطيسي خط هڪٻئي کان ڌار ٿي، جڏهن الڳ الڳ ٿي وڃن ٿا ته سج جي داغن جي سرگرمي به گهٽجي وڃي ٿي. ائين اهڙو ڦيرو ٿيندو رهي ٿو.
گئس جا تمام وڏا ٽيوب سج اندر ويڪرائي ڦاڪن ۾ گردش ڪندا خط استوا طرف هليا وڃن ٿا ۽ اهي جڏهن ٻٽ ٿي وڃن ٿا ته داغ پيدا ڪن ٿا، جڏهن خط استوا کي رسن ٿا ته ٽٽي پون ٿا ۽ ختم ٿي وڃن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ڪرومو اسفيئر مان گئسن جا ڪڪر پيدا ٿي اڀري مقناطيسي فيلڊ سان سج جي داغن کان ظاهر ٿي پون ٿا. گئس جي اهڙين ڪمانين کي سولر پريمينينس (Solar Prominences) سڏجي ٿو. پرامينينسز ٻن کان ٽن مهينن تائين هلي ٿي ۽ 50,000 ڪلوميٽرن جي مٿاڇري تائين پکڙيل ٿي سگهي ٿي. ايتري بلنديءَ کي (سڌي) اهي ڪجهه منٽن کان وٺي ڪلاڪن تائين ٻڙڪندي وڏي مقدار ۾ مادو خارج ڪن ٿا، جيڪو ڪورونا کان ٿيندو ٻاهرينءَ خلا ۾ 1000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان هليو وڃي ٿو، اهڙن بوڙين کي ڪورونل ماس اجيڪشن (Coronal Mass Ejection) سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن سج جي ڪن پيچيده داغن جي ميڙ مان اوچتو ۽ شديد ڌماڪا پيدا ٿين ٿا ته انهن کي سج جا ’بوڙيا‘ (Solar Flares) سڏيو وڃي ٿو.
سج جي بوڙين لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته اهي سج جي جن هنڌن تي مقناطيسي فيلڊ ٿئي ٿي، اُن ۾ اوچتي تبديلي اچڻ سبب پيدا ٿين ٿا. اهڙن بوڙين سان گڏ گئس، اليڪٽران، روشني، الٽراوايوليٽ روشني ۽ ايڪس ڪرڻا به خارج ٿين ٿا. جڏهن اهي شعاع ۽ اهڙا پارٽيڪل ڌرتيءَ جي مقناطيسي فيلڊ تائين اچي رسن ٿا ته اهي ان سان قطبن وٽ هڪ ردعمل پيدا ڪري باک يا شفق (Auroras، اترئين نور Aware Borealis، ۽ ڏاکڻي نور Australes) جو منظر پيدا ڪن ٿا. شمسي بوڙڪا پيغام رساني، اپ گرهن، جهازرانيءَ جي سرشتن سميت بجلي گهرن جي نظام کي به متاثر ڪري سگهن ٿا. اهڙن شعاعن ۽ پارٽيڪلن سبب وايو منڊل آئني(Ionize) / برقي ٿي وڃي ٿو، جنهن اپ گرهن ۽ زمين وچ ۾ يا زمين کان زمين تائين ريڊيائي لهرن جي چرپر متاثر ٿي وڃي ٿي. وايومنڊل ۾ آئيني/ برق دار پارٽيڪل، بجليءَ جي لائينن ۾ بجليءَ جي وهڪ وڌائي، بجليءَ جي چاڙهه جو سبب بڻجن ٿا. بجلي جي چاڙهه پيدا ٿيڻ سان بجلي گهرن تي اجايو ايترو بار پئجي وڃي ٿو، جو ان سبب اوندهه انڌوڪار ٿي وڃي ٿي.
سج 4.5 بلين سالن کان وٺي بکندو رهيو آهي. سج پنهنجي 4.5 بلين سالن جي ڄمار دوران پنهنجي نيم قطر ۾ اٽڪل 6 سيڪڙو وڌي ويو آهي. منجهس ايترو هئڊروجن ٻارڻ موجود آهي، جو اٽڪل 10 بلين سالن تائين ’بکي‘ سگهي ٿو، جنهن جو مطلب ٿيو ته اڃا 5 بلين سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو هلي سگهي ٿو ۽ ان عرصي دوران ساڳئي حساب سان وڌندو به رهندو.
جڏهن سج جي ڪور جو هئڊروجن ٻارڻ ختم ٿي ويندو ته پنهنجي ئي ڪششن جي وزن سبب ڀڪوڙجي ويندو، جڏهن ته پوءِ به ان جي مٿئين تهن ۾ هئڊروجن فيوئن (Hydrogen Fusion) ٿيندي رهندي. ڪور جي ڀيڪوڙجڻ سان گرم ٿي ويندو، اهڙي گرمي مٿين تهن کي گرم ڪري ڦهلائي ڇڏيندي. ٻاهرين تهن جي ڦهلجڻ سان سج جو نيم قطر وڌي هڪ ڳاڙهي، تمام شاهي نوجوان ستاري ۾ مٽجي ويندو. اهڙي ڳاڙهي شاهي ستاري جو نيم قطر هاڻي جي ڀيٽ ۾ سئوڻو وڌيڪ هوندو. ڌرتيءَ جي محور جي هن ڀر هجڻ ڪري ڌرتي سندس ڪور ۾ گم ٿي هن ڳاڙهي ستاري ۾ بخار ٿي ويندي. ان کان پوءِ هڪ دور اهڙو به ايندو، جڏهن سج جو ڪور ايترو گهڻو گرم ٿي ويندو، جو هيليم ڪاربان سان ملي ويندو. جڏهن هيليم ٻارڻ ختم ٿي ويندو ته ڪور پکڙجي ۽ ٿڌو ٿي ويندو. ٻاهريان تهه ڦهلجي پنهنجو مادو اوڳاڇي ڇڏيندا. آخر ۾ ڪور ٺري ۽ شاهي سفيد جسم ۾ مٽجي ويندو. اهو وڌيڪ ٺري جهڙوڪر هڪ نظر ايندڙ ڪاري ڄامڙي جسم ۾ تبديل ٿي ويندو. اهڙي سڄي عمل کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪجهه بلين سال لڳي ويندا، تنهنڪري اهو چئي سگهي ٿو ته سج جي وجود جي حوالي سان ايندڙ ڪيترن اربين سالن تائين انسان ذات جي وجود کي اڃا ڪو لهر لوڏو ڪونهي. جڏهن ته ٻين قسمن جي شامتن ۽ آفتن لاءِ چئي نه ٿو سگهجي.
آڳاٽي دور ۾ سج، انساني ڏندڪٿائن، وهمن ۽ عقيدن جو مرڪز رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان جي سڃاڻپ جا زاويا مختلف هئا. اوائلي انسان جي خوف، بيچيني ۽ اضطراب جڏهن مذهبن، عقيدن ۽ وهمن کي جنم ڏنو ته اوائلي انسان پنهنجا عقيدا انهن شين سان منسوب ڪري ڇڏيا. اڻ سڌريل انسانن جي عقيدي جو محور سج ڪڏهن ٿيو، ان بابت تاريخ جا ماهر چون ٿا ته شايد اهو ان وقت ٿيو، جڏهن پوکي راهيءَ يا زرعي دور، شڪاري دور جي جاءِ والاري. سج جي سفر تي فصل جي پوکائيءَ ۽ لاباري جون موسمون طئي ٿيون ۽ گرميءَ کي زمين جي زرخيزيءَ طور تسليم ڪيو ويو. تڏهن سج جي ڪرڻن مان زرخيز ٿيندڙ زمين، انهن لاءِ ’ديوي‘ بنجي وئي ۽ انسان هن عظيم گولي (سج) کي سمورن شين جي پيءُ جي حيثيت سان پوڄڻ شروع ڪيو. ان سادي شروعات سان سج جي پوڄا قديم انسانن جي عقيدن ۾ شامل ٿي وئي ۽ پوءِ جا ڪيترا ديوتا رڳو ان سج مان نڪتل هئا. وچئين دور ۾ سج جي پوڄا جي نشاني صوفين جي مٿن تي رکيل نوراني تاج هئي. ويجهڙائيءَ واري دور ۾ به جپان جي بادشاهه کي ان جي رعيت سج ديوتا جي جسم جو حصو سمجهيو ٿي. سج جي پوڄا زراشٽرن جو بنيادي عقيدو آهي. هندو ڌرم ۾ به سج جي پوڄا جو تصور موجود آهي.
سج سان اها نسبت رڳو زرعي مفاد تائين محدود نه رهي، پر سج جي اڀرڻ، لهڻ ۽ ڏينهن ۽ رات جي چڪر به اڻ سڌريل انسانن وٽ وِسوسن جي صورت اختيار ڪئي ۽ ان توهم پرستيءَ جو سلسلو انساني تاريخ ۾ هزارن سالن تي محيط آهي. اڄ دنيا جي غير ترقي يافته ۽ پسمانده خطن ۾ سج سان منسوب اهڙيون انيڪ ڏندڪٿائون موجود آهن.
گهڻو وقت پوءِ جڏهن انسان مذهبي فڪر ۾ گهڻي ترقي ڪئي ۽ ڪيترن مذهبن جي آمد کانپوءِ توهم پرستيءَ جي شعور ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي، ته به سج پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن جي زندگيءَ جو اهم جزو ئي رهيو. اهي علائقا، جتي جديد ترقي ۽ آسائش جي رسائي ناممڪن هئي، اتي ماڻهن جي عام زندگيءَ جو وهنوار سج تي هلندو هو ۽ اڃا به ٻهراڙين ۾ اهو رواج موجود آهي. ماڻهو سج جي اڀرڻ، لهڻ ۽ سج جي پاڇن جي مدد سان اندازو لڳائي پنهنجي ڪم ڪار ۽ عبادتن جا وقت مقرر ڪندا هئا. هنن وٽ وقت يا پهر ڄاڻڻ جو واحد ذريعو سج هو. انهن انسانن جي ان شعور ئي ان سان موسمن جو اندازو لڳائڻ شروع ڪيو.
مجموعي طور انسان جي تهذيب جي ڏندڪٿائي تاريخ ۾ سج هڪ اهم جز رهيو آهي. ان کان سواءِ ان جي پوڄا کان وٺي مختلف تصورن تائين ان جي هڪ ثقافتي اهميت پڻ رهي آهي.
اڄ به ٻهراڙين ۾ ماڻهو پهاڪن، چوڻين يا اصطلاحن ۾ مختلف علامتن طور سج جو استعمال ڪندا آهن. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ’سج‘ جي حوالي سان جيڪي پهاڪا، اصطلاح يا چوڻيون عام آهن، تن جو ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو:
• سج ٻڏڻ: سج لهڻ
• سج ٻن سُئين ۾ هجڻ: پوري منجهند هجڻ، ٽاڪ منجهند هجڻ
• سج تريءَ هيٺان لڪائڻ: کليل يا پڌري ڳالهه کي لڪائڻ جي اجائي ڪوشش ڪرڻ
• سج چنڊ وانگر نڪرڻ: مقرر وقت تي ظاهر ٿيڻ
• سج سان: صبح جو، سج اڀرڻ ئي وقت
• سج ڪاپار تي اچڻ: منجهند ٿيڻ
• سج لهڻ: گلارو ٿيڻ، بي مانو ٿيڻ، بيڪار ٿيڻ.
• سج ڏي ٿُڪڻ: حقيقت کان منهن موڙڻ، حقيقت کان اجايو انڪار ڪرڻ.
• هڪ سج ٻه پاڇا: حالتن جو ٻن مختلف رخن ۾ تبديل ٿيڻ.
• سج اولهه کان اڀرڻ: اڻ ٿيڻيءَ جو ٿيڻ.