
سجاد ظهير
سجاد ظھير: اردو زبان جي مشھور ترقي پسند اديب ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي بانين مان اهم ليکڪ، سيد سجاد ظهير، نومبر 1904ع ڌاري ڀارت جي شھر لکنؤ ۾ جنم ورتو. سندس والد سيد وزير حسين پنھنجي دور جو معروف وڪيل، تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن هو، ڪجهہ عرصو انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو سيڪريٽري بہ رهيو. هو اوڌ چيف ڪورٽ جو جج ۽ چيف جج بہ ٿيو. سيد سجاد ظھير شروعاتي تعليم لکنؤ ۾ ورتي ۽ پوءِ 1927ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ٻين ڀائرن سان گڏ آڪسفورڊ يونيورسٽي، لنڊن ۾ پڙهيو. 1917ع واري روسي انقلاب جي ياد ۾ ٻين ملڪن وانگر انگلنڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ’آڪٽوبر ڪلب‘ قائم هئي، سجاد ظھير بہ ان جو ميمبر بڻيو. تعليم پوري ڪري جڏهن 1936ع ۾ وطن وريو تہ گرئجوئيٽ ۽ بئريسٽر هئڻ سان گڏ مڪمل ڪميونسٽ ٿي موٽيو. هندستان ۾ اچي هن ادبي ۽ سياسي محاذن تي سرگرميون شروع ڪيون. هو تعليم دوران جڏهن 1931ع ڌاري ڇھن مهينن لاءِ هندستان آيو هو تہ افسانن جو هڪ مجموعو ’انگاري‘ ڇپايو هئائين، جنهن ۾ سندس 5 ۽ علي احمد جا 2 افسانا، محمود الظفر ۽ رشيد جھان جا ٻہ ڊراما شامل هئا، ان مجموعي کي وڏي شھرت ملي، جنهن کي پوءِ اهو ڪتاب سرڪار ضبط ڪيو. ان ئي زماني ۾ سجاد ظھير پنهنجو هڪ مختصر ناول ’لنڊن ڪي ايڪ رات‘ پڻ ڇپايو هو. انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد 1935ع ڌاري پنھنجي هم خيال دوستن ملڪ راج آنند، جيوتي گهوش، پرمودسين گپتا ۽ محمد دين تاثير سان گڏجي وڌائين، جنهن جي مقصدن ۾ بامقصد ادب جي تخليق، ان کي عوام جي زندگي، تهذيبي روايتن ۽ خواهشن سان هم آهنگ بنائڻ ۽ خاص طور سرمائيداريءَ خلاف لکڻ شامل هو. هن تنظيم جو هڪ مقصد مختلف زبانن جي اديبن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ معياري ادب جا ترجما ڇپائڻ بہ هو. سجاد ظھير جڏهن 1936ع ۾ ڏيھہ واپس وريو تہ والدين سان گڏ الھہ آباد ۾ رهڻ لڳو. ان وقت انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو مرڪزي دفتر نهرو خاندان جي ’آنند ڀون‘ الھہ آباد ۾ واقع هو. نهروءَ، سجاد ظھير سميت ڪجهہ نوجوانن کي ڪانگريس ۾ مختلف عهدن تي رکيو. سجاد ظھير الھہ آباد سٽي ڪانگريس ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن هندستان جي مختلف پرڳڻن جو دورو ڪيو ۽ اديبن جي سهڪار سان شھر شھر ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جون شاخون قائم ڪيون ۽ ملڪي سطح جون ڪانفرنسون ڪرايون. انجمن جي لنڊن ۽ لکنؤ جي اجلاسن ۾ سنڌي اديبن بہ شرڪت ڪئي هئي. ڪجهہ سالن اندر هيءَ تنظيم نتيجا خيز بڻجي اُڀري آئي. حڪومت ڪميونسٽ پارٽيءَ ۽ ان جي اثر هيٺ هلندڙ هن تنظيم جي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، سجاد ظھير پڻ مارچ 1940ع ۾ گرفتار ٿي سينٽرل جيل لکنؤ ۾ قيد ٿيو، جتان مارچ 1944ع ۾ آزاد ٿيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مشوري تي هو بمبئيءَ هليو ويو ۽ اتان هفتيوار ’قومي جنگ‘ جاري ڪيائين. گڏيل هندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي هڪ ئي هئي. ورهاڱي کان پوءِ ان جو آخري جلسو اپريل 1948ع ۾ ڪلڪتي ۾ منعقد ٿيو هو، جتي پاڪستان جي ملڪي حيثيت کي قبول ڪندي، پاڪستان ۾ ڌار تنظيم سازيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. پارٽيءَ جي فيصلي موجب سجاد ظھير روپ مٽائي لکنؤ ويو ۽ والدہ کي ٻُڌائڻ بنا بمبئيءَ مان هوائي جھاز ذريعي ڪراچيءَ پهتو. گهر واريءَ کي بہ رڳو ايترو چيائين تہ ”ٻاهر پيو وڃان، هڪ سال تائين واپس اچي ويندس.“ پاڪستان ۾ اچي هن ڪراچيءَ کانپوءِ لاهور ۾ رهي ’پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ‘ جي تشڪيل ڪئي ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. پاڪستان حڪومت بہ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي غير قانوني قرار ڏنو، جنهنڪري سجاد ظھير کي روپوش ٿيڻو پيو. 1951ع ۾ مشھور ’راولپنڊي سازش ڪيس‘ جو مقدمو هليو تہ ڪجهہ فوجي آفيسرن سان گڏ چئن سويلين کي بہ هن ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، جن ۾ سجاد ظهير، فيض فوجي هو، محمد حسين عطا ۽ بيگم نسيم (ميجر اڪبر خان جي گهر واري) شامل هئا. کين چار سال قيد جي سزا ملي. سجاد ظھير ٻہ سال حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ مچ (بلوچستان) ۾ قيد ڪاٽيو، جتي هن جي سنڌ جي ڪافي ترقي پسند ۽ ادبي شخصيتن سان ملاقات ٿي. هن اڪثر وقت فيض احمد فيض سان گڏ جيل ۾ گذاريو. جڏهن آزاد ٿيا تہ سجاد ظھير کي پاڪستان حڪومت ملڪ ڇڏي وڃڻ جو چتاءُ ڏنو. قيد دوران سجاد ظھير ٻہ ڪتاب لکيا، هڪ ترقي پسند ادب ۽ اديبن جي تاريخ تي مشتمل ڪتاب ’روشنائي‘ ۽ ٻيو فارسيءَ جي مشھور شاعر حافظ جو تنقيدي اڀياس، جيڪو انجمن ترقي اردو، دهلي ’ذڪر حافظ‘ عنوان سان ڇپايو. ’روشنائي‘ ۾ ترقي پسند مصنفين جي لکنؤ اجلاس ۾ سنڌي اديبن جي شرڪت جو ذڪر آهي، پر نالا ڏنل نہ آهن. سجاد ظھير قيد دوران پنھنجي گهر واريءَ کي جيڪي خط لکيا، سي ’خطوطِ زندان‘ جي عنوان سان ڇپيل آهن. انهيءَ ئي عرصي ۾ سجاد ظھير شاعري بہ سرجي، جيڪا ’پگهلا نيلم‘ ڪتاب ۾ شامل آهي. ٻوليءَ بابت سندس هڪ ڪتاب ’هندي هندستاني‘ بہ ڇپيل آهي. هندستان واپس اچڻ کانپوءِ سجاد ظھير کي ڀارتي حڪومت پنهنجو شھري تسليم ڪري ورتو. 1958ع ۾ هو لکنؤ کان دهليءَ منتقل ٿيو ۽ اتي ’عوامي دور‘ جو ايڊيٽر ٿيو. نومبر 1963ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي، دهليءَ مان هفتيوار رسالو ’حيات‘ جاري ڪيو تہ ان جي ادارت سجاد ظھير سنڀالي. 1972ع ۾ هن روس، جرمني ۽ انگلنڊ جو طويل دورو ڪيو ۽ اتان جي لائبررين مان امير خسرو جي ڪلام جا ڪافي نسخا هٿ ڪيا. 1973ع ۾ سجاد ظھير ٻيهر انگلنڊ ويو، جتان کيس آفريڪي- ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قزاقستان جي راڄڌاني ’الماتا‘ وڃڻو هو، آگسٽ جي آخر ۾ روانو ٿيو ۽ ڪجهہ ڏينهن ماسڪو ۾ رهي الماتا پهتو. 6 سيپٽمبر 1973ع جي صبح جو ناشتي جي ميز تي کيس دل جو دورو پيو، کيس اسپتال نيو ويو، پر 13 سيپٽمبر 1973ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪيائين. سندس مڙھہ ٻن ڏينهن کانپوءِ دهليءَ آندو ويو. سجاد ظھير جون ڪيتريون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيون، جيڪي ’نئين دنيا‘ (بمبئي) ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون.سيد مظهر جميل ”انگارے سے پگہلا نیلم تک “ ڪتاب لکي سجاد ظھير کي خراج ڏنو سجاد ظھير ڪيترو ئي وقت روپوش بہ رهيو. کيس ”بُنو ڀائي“ ڪري سڏيندا هئا.