
سجاد مهر
سجاد مھر: ڪالم نگار ۽ شاعر سجاد مھر جو اصل نالو الھورايو ولد شمس الدين مھر آهي. سندس جنم 30 مئي 1969ع تي شڪارپور شھر ۾ ٿيو. هيءُ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس)، ايم. اي (انگلش) ۽ ايم. ايڊ آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آهي. سجاد مھر لکڻ جي شروعات 1986ع کان ڪئي، شروع ۾ سندس لاڙو شاعريءَ طرف هو ۽ سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي، بعد ۾ اديب ۽ صحافي اعجاز منگيءَ جي صحبت ۾ اچي نثر لکڻ شروع ڪيائين. سندس همعصر ڪالم نگارن ۾ اشفاق آذر ۽ عديل مھر شامل آهن. سجاد مھر سـنـڌ جي سيـاسـي، سماجي مسئلـن ۽ بين الاقوامي معاملن تي ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪالم روزاني سنڌي اخبارن ڪاوش، ڪوشش، سوڀ، عوامي آواز اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت، شڪارپور جو سيڪريٽري ۽ ميمبر بہ رهي چڪو آهي. کيس ادبي خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ بہ مليل آهن.
1969.05.30 عيسوي
ڪالم نگار ۽ شاعر سجاد مهر جو اصل نالو الهورايو ولد شمس الدين مهر آهي. سندس جنم 30 مئي 1969ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو.