سجاول جوڻيجو (شھر): هي شھر تعلقي قنبر جو هيڊڪوارٽر آهي، جنهن جي پکيڙ 91859 ايڪڙ ۽ 371.90 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. هن تعلقي ۾ 4 يونين ڪائونسلون، 2 سرڪل، 7 تپا ۽ 32 ديهون شامل آهن. هي شھر/ ڳوٺ چيو وڃي ٿو تہ ٽي صديون اڳ رئيس سجاول خان جوڻيجي آباد ڪيو هو. هي سارين جو واپاري مرڪز آهي. هتي سارين جا ڪارخانا ۽ سيلر بہ آهن. هتي تعلقي جون آفيسون پڻ آهن. هتان جي ماڻهن جو گذر سفر زراعت ۽ چوپائي مال تي آهي. هن شھر مان چار روڊ نڪرن ٿا، جن مان هڪ ميروخان، ٻيو شهدادڪوٽ، ٽيون رتيديري ۽ چوٿون ڳڙهي خيري ڏانهن وڃي ٿو. 2010ع واري وڏيءَ ٻوڏ ۾ هن تعلقي کي ڪافي نقصان رسيو ۽ ڪيترا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. هن شھر جي ڀرسان بزرگ پير ولي محمد شاھہ جي درگاھہ آهي، جنهن لاءِ اها روايت آهي تہ هي بزرگ سيد رکيل شاھہ فتح پور واري جي خاندان مان هو.