سجدہ (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي ٻٽيهين سورة آهي، جنهن ۾ ڪل ٽيھہ آيتون آهن، جن مان سورهين (16) کان ويهين (20) آيتن کانسواءِ ٻيون سڀ مڪي آهن. هن سورة ۾ ٽي رڪوع آهن. هي ’الــٰم‘ حروف مقطعات سان شروع ٿيڻ واري آخري سورة آهي. گهڻن مفسرن مضمون جي لحاظ سان هن کان اڳ واري سورة لقمان سان گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي ٻڌائي آهي. سورة السجده جي مضمون ۾ سڀ کان اول رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي رسالت ۽ قرآن مجيد جو ﷲ تعاليٰ طرفان هجڻ جو بيان ملي ٿو. ان کانپوءِ حشر سان گڏ انساني تخليق ۽ ان جي زندگيءَ جي مختلف مرحلن جو ذڪر ملي ٿو. هن سورة جي آخر ۾ ڪافرن جي شڪ ۽ شبهن جو بيان ڪندي انهن جي رسوائي ۽ ايمان وارن جي خوشيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سورة بابت ڪيئي حديثون بہ بيان ٿيل آهن. هڪ حديث ۾ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن ٻڌايو تہ پاڻ اُن وقت تائين نہ ٿا سمهن، جيستائين سورة السجده ۽ سورت الملڪ جي تلاوت نہ ٿا ڪري وٺن (روح المعاني). هن سورة جي ختم ٿيندڙ ڪلام تي نبي پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي مخاطب ٿي فرمايو ويو آهي تہ: ”هي ماڻهو اوهان جون ڳالهيون ٻڌي، مذاق ڪندي اوهان کان پڇن ٿا تہ اي حضرت اها فيصلو ڪندڙ فتح اوهان کي ڪڏهن ملندي، ڪا تاريخ تہ ٻڌايو؟“ اوهان انهن کي ٻڌايو تہ ”جڏهن توهان ۽ اسان جي فيصلي جو وقت اچي ويو تہ پوءِ ان وقت منهنجي ڳالهين کي مڃڻ جو توهان کي ڪو بہ فائدو نہ ٿيندو. مڃڻو اٿو تہ هاڻي مڃو، نہ تہ آخري فيصلي جو ويهي انتظار ڪريو.“