ڊاڪٽرسحر گل

ڊاڪٽرسحر گل

سحر گل ڊاڪٽر

سحر گل ڊاڪٽر: سماج سڌارڪ، ليکڪا ڊاڪٽرسحر گل جو پورو نالو سحر گل ڀٽي آهي. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر آهي. هن پاڪستان مان فلسفي (Philosophy) ۽ ماسٽرز جي ڊگري ۽ برطانيا مان علم انسان/ بشريات (Anthropology) جي مضمون ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس تدريسي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ محقق، فلاحي ورڪر ۽ سماجي بهتريءَ ۾ معاون ڪار طور لڳ ڀڳ ارڙهن سالن جو تجربو آهي. علم بشريات، عورتازاد، سياست، جنسي اڻ برابري پئي رهيا آهن. ان کان سواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ مذهبي انتها پسنديءَ کان ويندي پوسٽ نوآبادياتي سماجن جي عالمي قومپرستيءَ واري نظريي تي ٻڌل سندس Ph.D تحقيقي مقالي جون عنوان هي آهي: Radical Religious Political in South Asia to cosmopolitan Nationalism in Post-Colonial Societies. پاڪستان ۾ ٻن يونيورسٽين جي تدريس عمل سان سلهاڙيل هئڻ سان گڏ قومي توڙي بين الاقوامي اين جي اوز، جھڙوڪ: Oxfam GB، Terre Des Hommes، Concern Worldwide جي ڊزاسٽر ايمرجنسي ڪاميٽي، Action Aid Pakistan، پلان انٽرنيشنل، ورلڊ ويزن، سيو دي چلڊرين ۽ ورلڊ وائڊ فنڊ فار نيچر (WWF) ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. سحر گل پاڪستان جي علائقن خاص ڪري خيبر پختونخوا جو پڻ تحقيقي اڀياس ڪيو آهي. هن ٽيليويزن تان ڪيترن ئي سماجي سياسي پروگرامن جي فلسفي تي هڪ رومانوي ناول لکيو آهي. يوناني فلسفي تي پڻ سندس هڪ ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. سحر گل، انگريزيءَ سميت ايشيا جي ڇھن ٻولين بشمول عربي، فارسيءَ جي ڄاڻ رکي ٿي. سندس مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
سحر جي شادي نامور اديب ۽ دانشور جامي چانڊيي سان ٿي. سحر گل سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر پڻ رھي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو