سخاوت: پنهنجي ذاتي شيءِ يا حق کي ٻئي جي حوالي ڪرڻ کي سخاوت چئبو آهي. سخاوت يا ڏاتاريءَ جون ڪيئي صورتون آَهن. مثال طور: پنهنجو حق ڪنهن کي معاف ڪري ڇڏڻ، پنهنجي ضرورت کي روڪي، ٻئي جي ضرورت پوري ڪرڻ، ڪنهن ٻئي جي فائدي لاءِ پنهنجي جسماني طاقت استعمال ڪرڻ، پنهنجي عقل، ذهن ۽ دماغ جي قوت ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ، ڪنهن جي جان بچائڻ لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجھڻ، حق ۽ سچ جي مد ۾ جان ڏيڻ وغيره. سخاوت، فياضـي ۽ ڏاتاريءَ جـي تعلـيـم پنهنجي اندر ۾ وڏي معنيٰ ۽ مفـهـوم رکي ٿي.
سخاوت جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهن جي نشاندهي ڪندي سورة البقر ۾ ارشاد فرمايو آهي ته: ”۽ اسان انهن کي جيڪا روزي ڏني آهي، ان مان ڪجھه (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪن ٿا.“ اهڙيءَ طرح سورة البقر جي 34 آيت ۾ فرمايو ويو ته: ”اي انسانو! جن ايمان آندو آهي، ان مان ڪجھه خرچ ڪريو، (الله جي واٽ ۾) جيڪي اسان توهان کي ڏنو آهي، اُن کان اڳ ۾ جو اهو ڏينهن اچي پهچي، جنهن ۾ نه خريدڻ آهي، نه دوستي ۽ نه سفارش.“
قرآن مجيد ۾ آهي ته: ”جيڪي (ماڻهو) پنهنجي دولت الله تعاليٰ جـي واٽ ۾ خـرچ ڪـن ٿا ۽ ان خرچ ڪرڻ پٺيان نه اهي احسان ڄاڻائن ٿا، نه ئـي گلا ۽ شڪايت ڪن ٿا، انهن جو عيوضو انهن جي پالڻهار وٽ مـحفـوظ آهـي ۽ نـه انـهـن کـي ڪـو ڊپ هوندو نه اهـي غمگين ٿيندا.“ (بقر: 36).
سخاوت بابت ڪيتريون ئي حديثون موجود آهن. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن ارشاد فرمايو آهي ته: ”اي آدم جا اولاد! جيڪو مال توهان جي ضرورت کان بچيل رهي، تنهن کي خرچي ڇڏڻ ئي افضل آهي ۽ ان کي گڏ ڪري رکڻ چڱو ناهي. پر پنهنجي ضرورتن جي پورائي لاءِ روڪي رکڻ ڪا جمع (بندي) ناهي ۽ سخاوت جي شروعات پنهنجي گھروارن کان ڪرڻ گھرجي.“ (مسلم). حضرت ابو هريره کان به روايت آهي ته، پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته: ”ڏاتاري جنت جو هڪ وڻ آهي، تنهنڪري جيڪو شخص سخاوت ڪندو ته اصل ۾ اهو ان وڻ جي ٽاريءَ کي پڪڙيندو ۽ اها ٽاري کيس جنت ۾ وٺي ويندي. اهڙي طرح ڪنجوسي به هڪ دوزخ جو وڻ آهي ۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي، ڄڻ ان وڻ جي ٽاري هٿ ۾ جھليائين، جا کيس دوزخ ۾ وٺي ويندي.“ (امام بيهقي) انهن آيتن ۽ حديثن مان سخاوت جي اهميت ۽ ضرورت جو گھڻي حد تائين پتو پئجي سگھي ٿو.
سنڌ ۾ وڏا ڏاتار ۽ سخي ٿي گذريا آهن، جن ۾ جادم جکرو، سخي سپڙ ڄام، سخي دادواه وغيره اچي وڃن ٿا.