سخاوت: پنھنجي ذاتي شيءِ يا حق کي ٻئي جي حوالي ڪرڻ کي سخاوت چئبو آهي. سخاوت يا ڏاتاريءَ جون ڪيئي صورتون آَهن. مثال طور: پنهنجو حق ڪنهن کي معاف ڪري ڇڏڻ، پنھنجي ضرورت کي روڪي، ٻئي جي ضرورت پوري ڪرڻ، ڪنهن ٻئي جي فائدي لاءِ پنھنجي جسماني طاقت استعمال ڪرڻ، پنھنجي عقل، ذهن ۽ دماغ جي قوت ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ، ڪنهن جي جان بچائڻ لاءِ پنھنجي جان خطري ۾ وجهڻ، حق ۽ سچ جي مد ۾ جان ڏيڻ وغيرہ. سخاوت، فياضـي ۽ ڏاتاريءَ جـي تعلـيـم پنھنجي اندر ۾ وڏي معنيٰ ۽ مفـهـوم رکي ٿي.
سخاوت جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ ﷲ تعاليٰ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهن جي نشاندهي ڪندي سورة البقر ۾ ارشاد فرمايو آهي تہ: ”۽ اسان انهن کي جيڪا روزي ڏني آهي، ان مان ڪجهه (ﷲ جي واٽ ۾) خرچ ڪن ٿا.“ اهڙيءَ طرح سورة البقر جي 34 آيت ۾ فرمايو ويو تہ: ”اي انسانو! جن ايمان آندو آهي، ان مان ڪجهه خرچ ڪريو، (ﷲ جي واٽ ۾) جيڪي اسان توهان کي ڏنو آهي، اُن کان اڳ ۾ جو اهو ڏينهن اچي پهچي، جنهن ۾ نہ خريدڻ آهي، نہ دوستي ۽ نہ سفارش.“
قرآن مجيد ۾ آهي تہ: ”جيڪي (ماڻهو) پنھنجي دولت ﷲ تعاليٰ جـي واٽ ۾ خـرچ ڪـن ٿا ۽ ان خرچ ڪرڻ پٺيان نہ اهي احسان ڄاڻائن ٿا، نہ ئـي گلا ۽ شڪايت ڪن ٿا، انهن جو عيوضو انهن جي پالڻهار وٽ مـحفـوظ آهـي ۽ نـه انـهـن کـي ڪـو ڊپ هوندو نہ اهـي غمگين ٿيندا.“ (بقر: 36).
سخاوت بابت ڪيتريون ئي حديثون موجود آهن. پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جن ارشاد فرمايو آهي تہ: ”اي آدم جا اولاد! جيڪو مال توهان جي ضرورت کان بچيل رهي، تنهن کي خرچي ڇڏڻ ئي افضل آهي ۽ ان کي گڏ ڪري رکڻ چڱو ناهي. پر پنھنجي ضرورتن جي پورائي لاءِ روڪي رکڻ ڪا جمع (بندي) ناهي ۽ سخاوت جي شروعات پنھنجي گهروارن کان ڪرڻ گهرجي.“ (مسلم). حضرت ابو هريره کان بہ روايت آهي ته، پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو تہ: ”ڏاتاري جنت جو هڪ وڻ آهي، تنهنڪري جيڪو شخص سخاوت ڪندو تہ اصل ۾ اهو ان وڻ جي ٽاريءَ کي پڪڙيندو ۽ اها ٽاري کيس جنت ۾ وٺي ويندي. اهڙي طرح ڪنجوسي بہ هڪ دوزخ جو وڻ آهي ۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي، ڄڻ ان وڻ جي ٽاري هٿ ۾ جهليائين، جا کيس دوزخ ۾ وٺي ويندي.“ (امام بيهقي) انهن آيتن ۽ حديثن مان سخاوت جي اهميت ۽ ضرورت جو گهڻي حد تائين پتو پئجي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ وڏا ڏاتار ۽ سخي ٿي گذريا آهن، جن ۾ جادم جکرو، سخي سپڙ ڄام، سخي دادواه وغيرہ اچي وڃن ٿا.