
سخت چهري وارو ماڻهو
سخت چهري وارو ماڻهو (ڪتاب): هند سنڌ جي ٽرينڊ سينٽر ڪهاڻيڪار وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻين جو هي ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾ سنڌو اشاعت گهر، لاڙڪاڻي طرفان ڇپيو آهي. ڪتاب ۾ طارق اشرف مهاڳ ’ڪجهه ايشور چندر بابت‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”ايشور چندر جو شمار موجودہ وقت جي سنڌيءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. ايشور چندر جا سنڌيءَ ۾ 11 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ٽي ڪتاب ’ٿڌا چپ‘، ’اندر جو ڄامڙو‘ ۽ نہ مرڻ جو دک سنڌ ۾به ڇپيا آهن . . . هيٺئين وچولي ڪلاس جي ترجماني، جنهن چڀندڙ لهجي ۽ انداز سان ايشور چندر ڪئي آهي، شايد ئي سنڌيءَ جي ٻئي ڪهاڻيڪار ڪئي آهي. ايشور چندر جون ڪهاڻيون پڙهندي، هيٺئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ کي ائين محسوس ٿيندو تہ اها سندن ئي گهر جي ڪهاڻي آهي يا سندن آس پاس اهڙا واقعا ٿيندا آهن.“ هن ڪتاب ۾ ايشور چندر جون ست ڪهـاڻيـون: (1) ’شڪست کاڌل ترشنڪو‘، (2) ’ان هوندي بہ‘، (3)’جهوريءَ جهوري جند‘، (4) ’ڪلهن تي سمهيل مستقبل‘، (5)’سفر‘، (6)’سخت چهري وارو ماڻهو‘ ۽ (7)’وقت جي ان وٿيءَ بعد‘ شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملھہ 30 روپيا آهي.