سخي باقر شاھہ وارو کوھہ: موري (ضلعي نوشهري فيروز) ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورکان آڳاٽو آب رسائيءَ جو ذريعو هي کوھہ هوندو هو. هيءُ کوھہ اٽڪل 350 سال پراڻو آهي، جيڪو سخي باقر شاھہ اول جي نالي سان سيد خاندان پنھنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ شھر ٻاهران کوٽايو هو، جنهن جي اندر اوساريءَ ۾ 8x12 انچ ماپ جون سوا انچ ٿولھہ واريون سرون لڳل آهن. کوھہ کي وڏي مهارت سان ٺاهيو ويو آهي. هي کوھہ موري جي اولھہ طرف آباد خاندانن لاءِ پيئڻ جو پاڻي پڻ فراهم ڪندڙ هو. هن وقت هي کوھہ شيعه امام بارگاھہ جي حاطي اندر موجود آهي. اڄ کان 10 سال اڳ تائين کوھہ جو پاڻي استعمال لائق هوندو هو، پر هاڻي واٽر سپلاءِ جي قائم ٿيڻ بعد هي کوھہ ڪني پاڻيءَ سان ڀريل نظر اچي ٿو.