سخي جنگو خان جو مقبرو

سخي جنگو خان جو مقبرو

سخي جنگو خان جو مقبرو

سخي جنگو خان جو مقبرو: هيءُ مقبرو سخي جنگي خان شر ولد محمد صالح شر جو مدفن آهي. پنھنجي وقت ۾ سماجي خدمتگار ۽ عام ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳرو رهيو. مقبرو تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي، چوڌاري وڏو قبرستان اٿس، جنهن ۾ شر۽ بوزدار ذات جي ماڻهن جون قبرون آهن. هيءُ مقبرو پڪين سرن جو تعمير ڪيل آهي. ڪنهن بہ قسم جو ليپو ڏنل ڪو نہ اٿس. مهاڙي ۾ ٻہ لنگهہ آهن، چوڪاٺن سان ڪاٺ جا دروازا لڳل هئا اهي هن وقت اکڙي نڪري ويا آهن. مقبري جي اوساري گچ گاري سان ڪيل آهي. چوڌاري هڪ جهڙي طرز تي ڪالم ڪڍي عمارتسازي ڪئي وئي آهي. ٻيڙ ٻني تي بُٺي نموني تي ٿنڀڙين جي قطار چوڦير گهمي اچي ٿي. ٻيڙ ٻني تي چوني جو ليپو ڏنو ويو هو، جيڪو هينئر زبون حالي جي ڪري ڇڻي ويل آهي. وڏن اٺن ڪُنڊي گچن تي ٻہ گنبذ رکيل آهن، جن تي تودا ٺاهي انهن کي نيل جو نمونو ڏنو ويو آهي. گچن Drum ۾ چئني پاسن کان هوا ۽ روشني لاءِ روشندان ڇڏيا ويا آهن. مقبري ۾ اندر پڪين سرن جي بٺين واريون پنج قبرون آهن. اندرئين طرف کان ڳچ کي چوني جو ليپو ڏنل آهن. اندر وچ تي ونگ ڏئي حجري کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ٻنهي پاسن کان ديوارن ۾ محراب ۽ نمائشي ونگن جا نمونا ٺاهيا ويا آهن. مقبرو سنڀال نہ ٿيڻ سبب خستہ حال آهي، پيڙھہ کان ڪلر سبب سرون کاڄي ويون آهن. مقبري ۾ اندر موجود ٻين قبرن لاءِ چوڻ آهي تہ اهي جنگو خان شر جي خاندان مان ٻاجهي خان، اولاڌي خان، جان محمد، محمد خان شر جون آهن. مقبرو ڪنهن بہ سرڪاري سنڀال ۽ اختيار هيٺ آيل ناهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو