سخي داد واهي (ماڳ): ضلعي نوشهري فيروز جي ٺارو شاھہ شھر کان اولھہ طرف 5 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مٺياڻي ويندڙ رستي جي وٽ ۾ ۽ دليپوٽن کان اڀرندي طرف ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي درگاھہ سخي داد واهي موجود آهي. درگاھہ جي عاليشان عمارت بلند هئڻ سبب ڪافي پري کان نظر ايندي آهي. سخي داد واهيءَ جو اصل نالو شيخ دائود ولد پير آدم نوري ذات قريشي آهي، سخاوت سبب کين ’سخي‘ سڏيو ويندو هو. ’داد‘ سندس نالي دائود جو مخفف آهي، جڏهن تہ ’واهي‘ درياھہ مان وهندڙ نالي کي چئجي ٿو، جيڪو ان وقت خانقاھہ ڀرسان وهندو هو، جتي ٻيڙيون اچي لنگر ڪنديون هيون. هي ڳوٺ جيڪو بزرگ سخي داد واهيءَ جي نالي سان منسوب آهي. آڳاٽي زماني ۾ واهيءَ سبب چانورن جي منڊيءَ طور سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هو، ٻيڙين ذريعي چانور ۽ ٻيو سامان هتان دور دراز علائقن ڏانهن پھچايو ويندو هو.
سندس مقبري ۾ ٽي مزارون آهن، جن مان وچين مزار دائود المعروف ’سخي داد واهيءَ‘ جي آهي، ساڄي پاسي کان سندس ڀاڻيجو احمد ۽ کاٻي پاسي کان سندس ڀائٽيو محمد مدفون آهن. درگاھہ جي اتر ۾ هڪ عاليشان مسجد ۽ ڏکڻ ۾ هڪ مسافرخانو تعمير ٿيل آهي. درگاھہ جي سامهون علم پاڪ جي ڪاٺيءَ بابت مشھور آهي تہ هيءَ ڪاٺي درياھہ مان لڙهي واهيءَ ۾ آئي ۽ هتي رُڪِي، جنهن کي 700 سالن کان بہ زياده عرصو گذري چڪو آهي، تڏهن بہ بيروني اثرات کان محفوظ ۽ مضبوط آهي.