سخي شاھہ برهان شاھہ جو ميلو

سخي شاھہ برهان شاھہ جو ميلو: سخي شاھہ برهان شاھہ جو ميلو هر سال 11، 12 ۽ 13 ربيع الثانيءَ جي مهيني ۾ ٽنڊي محمد خان شھر ۾ ريلوي لڳ سعيدپور روڊ تي نهايت ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. هن ميلي ۾ سنڌ ليول تي ملاکڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا مشھور پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان سواءِ ميلي ۾ بازارون پڻ لڳنديون آهن، ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن کي نمائش لاءِ آندو ويندو آهي، هنن کي وڪرو پڻ ڪيو ويندو آهي. هن ميلي ۾ هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن، جن جي رهڻ ۽ کاڌي خورڪ جو پڻ بندوبست هوندو آهي.


لفظ سخي شاھہ برهان شاھہ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو