سخي پاڻ سلطان جو مقبرو

سخي پاڻ سلطان جو مقبرو

سخي پاڻ سلطان جو مقبرو

سخي پاڻ سلطان جو مقبرو (ماڳ): اسلامي دور جو هيءُ مقبرو سيوهڻ ضلعي ۾ آهي. هي مقبرو بودلي بھار جي مقبري کان ڪجهہ سون ميٽرن جي پنڌ تي آھي. جيتوڻيڪ هي مقبرو قديم آثارن جي زمري ۾ نٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ ان جي اڏاوت نئين آھي. ھن بزرگ جو اصل نالو سيد عبدالوھاب شاھه جيلاني هو. چون ٿا تہ پاڻ قلندر شھباز جو ھم عصر ھو. ٻي رانڪ ساڳئي دور جي مشتاق شاھه جي چوڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا روضي اندر آھي. روضي جي ڀر ۾ مسافرخانو ٺھيل آھي. روضو رٿ ۾ چوڪنڊو آھي، جنھن کي اوڀر ۾ سادو لنگهہ آھي. مقبرو چوڌاري سيمنٽ جي ڄارين سان بند آھي. انھن جي مٿان ۽ ھيٺان پلويڙا ڏنل آھن. ڪنڊن تي برجيون ٺھيل آھن. مقبري جي مٿان گول گنبذ ٺھيل آھي. ان جي مٿان ڪلس ابتي ڪنول جي گل جهڙي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو