سخي ڄام صاحب قبرستان (ماڳ): ٻارھين/ تيرھين ھجريءَ جو هي قبرستان ڳوٺ ڄام صاحب، ديھہ نصرت 110 تعلقي ۽ ضلعي نوابشاھه ۾ ڄام صاحب جي مقبري جي ويجهو آھي. هي قبرستان نوابشاھه شھر کان 28 ڪلوميٽر اوڀر طرف واقع آھي. منڍ جمڙائو ھن جي اتر اولھه تي 45 ڪلوميٽرن تي، گپچاڻي ڳوٺ اٽڪل 15 ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ ڄام مائينر ھڪ ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه ۾ آھي. ھي ماڳ 2526017 ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 1068038 ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آھي. ھن قبرستان ۾ موجود ٻن قبرن جو احوال ھيٺ ڏجي ٿو: الف: قبر جي ڊيگهه 1.70 ميٽر اتر ڏکڻ ۽ 30 سينٽي ميٽر اوڀر اولھہ. ھن ۾ جنگشاھيءَ جو پٿر استعمال ٿيل آھي. قبر مستطيل آھي. ھيءَ غلام محمد جتوئيءَ جي قبر آھي. بٺي جنگ شاھيءَ جي پيلن پٿرن جي ٺھيل آھي. ان تي ڪلمو شريف لکيل آھي. ھي قبر ھڪ ٿلھي تي پڪين سرن جي آھي. سيرانديءَ کان ڪتبي تي غلام محمد جتوئي وفات 1208ھه لکيل آھي. ب: ھن قبر جي ڊيگهه 1.30 ميٽر ويڪر 30 سينٽي ميٽر ۽ اوچائي 80 سينٽي ميٽر آھي. قبر مستطيل آھي. ھي جنگ شاھيءَ وارن پيلن پٿرن جي گهڙيل آھي. ھي قيصر جتوئيءَ جي قبر آھي. بٺيءَ تي ڪلمو شريف لکيل آھي. بٺيءَ تي مھندسي ليڪون ۽ گل ٻوٽا اڪريل آھن. ھيءَ ھڪ پڪ سرائين ٿلھي تي ٺھيل آھي. سيراندي کان ڪتبي تي قيصر جتوئي 1217ھجري لکيل اٿس. موجودہ وقت ۾ قبرستان ۾ گهڻي تعداد ۾ سرن جا اڌڙ پکڙيل آھن. مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي، اتي گهاڙيون گهڻي تعداد ۾ ھيون. پر وقت گذرڻ سان ضايع يا چوري ٿي ويون. ھينئر فقط ھي ٻہ قبرون گهاڙيءَ واريون ٻيون ھزارين ڪچيون پڪيون قبرون موجود آھن.