سدارام ڀڳت: صوفي شاعر ۽ بزرگ ڀڳت سدارام جو تعلق هندستان جي ضلعي جيسلمير جي ڳوٺ گوڙا سان هو، جتي سندس جنم 1805ع ڌاري ٿيو. هو شاهو فقير زنگيجي جو مريد هو، جنهن جو روحاني تعلق شاھہ عنايت شھيد جي صوفياڻي گاديءَ سان هو. ان ڪري ’سادل/ سدارام‘ ڀڳت بہ جهوڪ شريف جي مريدن ۾ شامل هو. شاعريءَ ۾ ’سادل/ ساول‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. مرشد سان روحاني نسبت سبب سنڌ ۾ گهڻو ايندو رهندو هو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ شاعري ڪيائين. مٿس هندي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين جو اثر آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ’عشق سمونڊ‘ نالي سان ڇپيل آهي. ’
سادل/ ساول‘ ڀڳت اڻويهين صديءَ جي آخر ڌاري انگريز دؤر ۾ وفات ڪئي.