سدارنگاڻي

سدارنگاڻي (ذات): هن ذات وارا هندو، حيدرآباد ۾ اچڻ کان اڳ خيرپور رياست طرف رهندا هئا، جتي اڄ تائين ’ٿڌاڻي‘ پريوار وارا موجود آهن، جن مان ڪي سکر ۾ بہ رهن ٿا. هن ذات وارا اصل ۾ زمينداري ڪندا هئا ۽ پنهنجو واھہ کڻايو هئائون، جيڪو ’سدارنگ‘ واھہ سڏبو هو. سدارنگاڻين جو وڏو ڏاڏو سدارنگ مل ۽ مهتاڻين جو وڏو ڏاڏو مهتابراءِ پاڻ ۾ ڀائر هئا، جنهنڪري اهي مهتاڻي حيدرآباد جي سدارنگاڻين جا ويجها سؤٽ هئا. سدارنگاڻين مان پوءِ ڪي پڙهي پيا ۽ چڱا عهدا ماڻيائون تہ اهي ديوان سڏجڻ ۾ آيا، جن مان ديوان هاسو مل، پروفيسر هسو مل ايسرداس قابلِ ذڪر آهن. ان کان سواءِ ڌيرملاڻي، سڀاڳچنداڻي، سچاننداڻي بہ ساڳئي نک مان آهن، جڏهن تہ سدارنگاڻي ذات/ پاڙي جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جا ٽي اهم عالم، اديب ۽ شاعر مشھور آهن: (1) گلي سدارنگاڻي: اتحاد ناول جي ليکڪا، (2) ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي: مشھور عالم ۽ محقق، (3) ومي سدارنگاڻي: شاعرہ.


لفظ سدارنگاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو