سراءِ جي سيدن جو قبرستان

سراءِ جي سيدن جو قبرستان: روهڙيءَ ۾ ڪوٽ مير يعقوب علي شاھہ جي ويجهـو اولهندي طـرف ’ڪوٽائي ساداتن‘ جو هڪ قبرسـتـان آهي. هيءُ قبرستان ’سراءِ جي سيدن جو قبرستان‘ جي نالي سان مشھور آهي. گهڻو وقت اڳ ۾ انهيءَ هنڌ هڪ سراءِ يعني مسافرن جي آرام لاءِ جاءِ هوندي هئي. انهيءَ ڪري هي قبرستان ’سراءِ جي سيدن جي قبرستان‘ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. هن قبرستان ۾ سيد يوسف علي شاھہ، سيد قلندر بخش شاھہ، سيد شاهنواز شاھہ، سيد سڪندر علي شاھہ جھڙا قادرالڪلام مرثيہ گو شاعر مدفون ٿيل آهن. هن قبرستان ۾ مولانا غلام مرتضى ’ناظر‘ جي مزار، مير يعقوب علي خان جي نياڻي جي مزار ۽ سيد سلطان شاھہ جو مقبرو پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو