سرائي خان: سرائي مقصود خان، ڪلهوڙن جي نامور سپھہ سالار شاھہ بھاري جو وڏو ڀاءُ هو. ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو ته، ”جڏهن امير شيخ جھان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ شھزادي محمد معزالدين خود سنڌ تي چڙهائي ڪئي. جڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙي کي خبر پئي تہ هن هڪدم جنگ روڪـڻ لاءِ پنهنجـي ننڍي ڀاءُ ميان مير محمد ۽ پنهنجن ٻن معتبر سفيرن کي شھزادي معزالدين وٽ موڪليو، جن مغل شھزادي کي راضي ڪري واپس موڪلي ڇڏيو. اها خبر جڏهن سرائي مقصود خان کي پئي ۽ هن ڏٺو تہ شھزادو ۽ سندس لشڪر بنا ڪنهن مقابلي جي واپس پيو وڃي، تڏهن سرائي مقصود کي خيال آيو تہ شھزادي اسان جي بهادريءَ جو ڪو ڪارنامو تہ ڏٺو ئي ڪونه، ان ڪري کيس ڪهڙو اندازو ٿيندو تہ اسين ڪيئن آهيون ۽ قدرت اسان کي بهادريءَ جا ڪهڙا ڪهڙا جوهر عطا ڪيا آهن! اهو خيال اچڻ شـرط سرائي مقصود، فوج جو هڪ دستو پاڻ سان وٺي، ميان دين محمد خان ڪلهوڙي جي اجازت کانسواءِ ئي، ماٿيلي تي حملو ڪري ڏنو ۽ پوءِ اتان اڳتي وڌي اُچ جي رهاڪن کي خونريزيءَ جو نشانو بڻايائين. اها خبر جڏهن مغل شھزادي کي پئي، تڏهن سامونڊي طوفان جيان جوش ۾ اچي پٺتي موٽيو ۽ لشڪر کي ميان دين محمد جي علائقن تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. گهاڙيءَ ۾ سرائين جي سڀني ڳوٺن کي تباھہ ڪري ڇڏيائين. انهي سموري عرصي ۾ ميان دين محمد خاموشي اختيار ڪئي ۽ صلح ۽ معافيءَ جي درخواست موڪلي. بعد پاڻ بہ شھزادي وٽ وڃي پهتو. شھزادو کيس پاڻ سان ملتان وٺي ويو ۽ کيس ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي قتل ڪري ڇڏيائين.“
سرائي مقصود جي انهي غلط قدمن سبب ميان دين محمد کي قتل ڪيو ويو، سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ برباد ڪيا ويا، پر ان جي بدلي ۾ سرائي مقصود کي ڪهڙي سزا ملي. ان بابت تاريخ خاموش آهي.