سرائي قربان کهاوڙ

سرائي قربان کهاوڙ

سرائي قربان کهاوڙ

سرائي قربان کهاوڙ: سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سرائي قربان کهاوڙ، 1970ع ڌاري شـهـدادڪوٽ جي هڪ خـوشـحــال گهـراڻـي ۾ سـرائـي شمس الدين کهاوڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليـم مـقـامـي طـور حاصل ڪري، بي. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. هي اڃا ننڍڙو ئي هو تہ سندس والد جي وفات ٿي ۽ سندن زمينن تي اتان جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو، پر جڏهن هي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو تہ هن انهن بااثرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجون زمينون واپس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سرائي قربان کهاوڙ شروع کان سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. لطيف سنگت ۾ سرگرم رهڻ بعد ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، تنظيم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. شاگرديءَ واري دور ۾ سرائي قربان شاگردن جي مسئلن تي عملي جدوجھد ڪئي، اهوئي سبب هو جو هُو جڏهن جساف کانپوءِ مرڪز ۾ شامل ٿيو، تڏهن بہ شاگرد سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا ۽ هي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. جساف ۾ رهندي پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين بہ رهيو، ان بعد جسقم جي مرڪزي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا جسقم جي الڪيشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو. جڏهن عبدالواحد آريسر ۽ بشير خان قريشيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ جسقم جي باڊي ٽوڙي آرگنائيزنگ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي تہ سرائيءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ان بعد جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ ورهائجي ته، پاڻ جسقم ۾ عبدالواحد آريسر سان بيٺو ۽ ٻہ سال سينئر وائيس چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. ان دوران هن ڪيترائي ڪامياب پروگرام ڪرايا، جن ۾ لاڙڪاڻي کان سن تائين فريڊم مارچ، آزادي مارچ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شھدادڪوٽ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف بک هڙتالون، ڪالاباغ ڊيم خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاجن، مظاهرن وسيلي ڊگهي جدوجھد ڪيائين. ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزادي ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي لاءِ جسقم جو وفد وٺي اسلام آباد ويو، جتي اقوام متحدہ ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کي يادداشت نامو پيش ڪرڻ نمايان آهن. سرائي قربان کهاوڙ 2009ع ۾ جسقم کي الوداع چئي ’جيئي سنڌ متحدہ محاذ‘ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ’جسمم‘ جو سينئر وائيس چيئرمين چونڊيو ويو.
سرائي قربان کهاوڙ شھدادڪوٽ ۾ شھري اتحاد قائم ڪرايو، جنهن جو پاڻ عهديدار ۽ شھدادڪوٽ ۾ مزدورن جي اتحاد ۾ بہ سندس هٿ رهيو. شھر ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، جن ۾ بيمارن جي لاءِ ڪئمپون قائم ڪرائڻ، ضرورتمند ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ، شھر ۾غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ، ڪيترين ئي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ شامل آهن. اهڙيءَ طرح مغوي ٻارڙن صدام شيخ ۽ ڪپيل ديو جي آزاديءَ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن 1987ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس پنج نياڻيون ۽ ٻہ پٽ آهن.
سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهجي دوستن روپلي چولياڻي ۽ نور تنئي سان تنظيمي دوري تي سانگهڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو تہ سانگهڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ کيس گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪئميڪل هاري گاڏيءَ کي باھہ پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس پورو جسم سڙي رک ٿي ويو. سندس آخري آرامگاھہ شھدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ پنھنجي ماءُ جي پيرن ۾ آهي.


لفظ سرائي قربان کهاوڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2011.04.21  عيسوي

سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهجي دوستن روپلي چولياڻي ۽ نور الله تنئي سان تنظيمي دوري تي سانگھڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو ته سانگھڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪئميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس پورو جسم سڙي رک ٿي ويو. سندس آخري آرامگاهه شهدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ پنهنجي ماءُ جي پيرن ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرويز هودڀائي
تان رس خان
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري
جمعو فقير 1
جاويد ٽاڪاڻي
سُھائي ٽالپر
فاطمہ زهريٰ قاضي
ولي محمد تراب صوفي
حڪيم ميان شفيع محمد چنا
غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون