سرائي1

سرائي1 (ذات): ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ سرائي جي معنيٰ ’سري جو رهاڪو، چڱو مڙس ۽ مانائتو‘ ڄاڻائي آهي. محمد شبير احمد پنهنجي ڪتاب ’سرائڪي زبان‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سرائي معنيٰ سنڌ جي اترئين خطي (سري) جا ماڻهو ۽ ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا غير بلوچ سردار ۽ معتبر ماڻهو.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ ڪلهوڙا حاڪمن پنهنجي ڪن خاص خادمن کي، جيڪي غير بلوچ هئا، نمڪ حلالي ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ جي بدلي ۾ جاگيرون ڏئي ’سرائي‘ جو لقب پڻ ڏنو.“
تاريخ ۾ سڀ کان پهرين ميان يار محمد خان ڪلهوڙي جي دور ۾ سرائين جو ذڪر ملي ٿو. ميان يار محمد وٽ ڪافي اترئين حصي مان سرائي اچي گڏ ٿيا، جن مان سرائي راڄو ليکي قابل ذڪر آهي. سرائي لقب ميان يار محمد ڪلهوڙي طرفان سڀ کان پهرين راڄو ليکي ۽ ان جي مٽن مائٽن کي عطا ڪيو ويو . ان کانپوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ ٽالپرن جي به دور ۾ معتبر ۽ قابل ماڻهن کي ’سرائي‘ جي لقب سان نوازيو ويندو هو، پر اڳتي هلي سرائي ذات طور پڻ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو.
’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ خير محمد ٻرڙو ڄاڻائي ٿو ته، ”سرائي معنيٰ سنڌ جي سري جا ماڻهو يا ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانن جا غير بلوچ سردار ۽ معتبر ماڻهو.“
ڀيرو مل مهرچند، گريئرسن، مرزا قليچ بيگ، ايس. صادق علي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيق موجب ’سرائي‘ سنڌ جي اترئين حصي مان لڏي آيل ماڻهن کي چون ٿا ۽ انهن جي ٻولي ’سرائڪي‘ آهي. پراڻي دور ۾ سنڌ جو خطو بهاولپور، ديري غازي خان، ميانوالي ۽ ملتان تائين پکڙيل هو. اهي ماڻهو اتان لڏي اچي سنڌ ۾ ٿر ۽ سامونڊي ڪناري تي آباد ٿيا، جتي پاڻ کي سرائي سڏائڻ لڳا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هنن جا 24 پاڙا لکيا آهن.
ايس. ايم. چنا موجب سرائي اصل ۾ جتن جو پاڙو آهي، جيڪي گُرداسپور ۽ سيالڪوٽ ۾ رهن ٿا. ڪجهه ماڻهو ستلج جي مٿئين ۽ هيٺين پاسي جا به رهندڙ آهن. سيالڪوٽ وارا سرائي ڀٽي آهن. هنن سرائين ۽ ڪلهوڙن طرفان لقب ڏنل سرائيءَ ۾ ڪو به ڳانڍاپو ڪونه آهي. جيمس ٽاڊ جي لکڻ موجب سرائي پنوار جت آهن، جيڪي اروڙ سلطنت دوران سنڌ ۾ رهندا هئا. اهي پاڻ ’صحر‘ به سڏائيندا هئا، يعني صحرا جا رهاڪو. گرداسپور وارا سرائي شيخ به سڏبا آهن، جيڪي سخي سرور جا پوئلڳ آهن.
سرائي راڄڻپور، ضلعي ديري غازي خان وارن ڪلهوڙن جو به لقب آهي، جيڪي ’ميان صاحب سرائي‘ ڪري سڏيا ويندا آهن. سنڌ ۾ سرائي لقب عام آهي.
ڀٽي راجپوت نسل جي هڪ ماڻهوءَ جو نالو ’سرائه‘ هو، جيڪو حافظ آباد جو رهاڪو هو ۽ اهو پاڻ کي جٽ سڏرائيندو هو. سندس اولاد ’سرائه‘ سڏجي ٿو. سنڌ جا ماڻهو هنن کي سرائي جت چون ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو