سرائي2 (سهرائي): هي سنڌ جي ڪهلوڙا شاهي خاندان جو نسل آهي، جيڪي ديري غازي خان ۽ حاجي پور جي مقام تي آباد هئا. هن ضلعي بابت مسٽر فرائر جي رپورٽ ۽ مسٽر اوبرائن جي مختصر لغت (Glossary) ۾ ٿورو ذڪر ملي ٿو.
اردوءَ جي هڪ محقق ۽ مترجم ياسر جواد، اي. ڊي. ميڪگلين ۽ ايڇ. اي روز جي تحقيقي رپورٽ جي ترجمي ’ذاتون ڪا انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ سرائيءَ کي ٽن وصفن ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪي هن ريت آهن:
(1) سرائي، امرتسر ۽ گورداسپور ۾ آباد هڪ جٽ قبيلو آهي، گورداسپور جا سرائي، سلطانين يا سخي سرور جي پوئلڳن جا رهنما هئڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن شيخ سڏائيندا آهن.
(2) مجموعي طور تي گورداسپور ۽ سيالڪوٽ ۾ رهندڙ جٽن جو هڪ قبيلو ’سرائي‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ستلج جي مٿئين ۽ وچ واري حصي تي به هيءُ قبيلو آباد آهي. سيالڪوٽ ۾ کين ’سرائي راجپوت‘ چيو ويندو آهي، جيڪي حافظ آباد تعلقي ۾ ڀٽي آهن. ڊيري غازي خان جي ڪلهوڙا خاندان جي سرائين ۽ انهن وچ ۾ مشڪل سان ڪو تعلق چئي سگهجي ٿو، جيڪي قريشي هئڻ جا دعويدار آهن.
(3) ديري غازي خان ۾ راڄڻپور جي علائقي ۾ آباد ڪلهوڙا خاندان جو لقب پڻ آهي.
ساڳيءَ ريت ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ جي صفحي 646 تي بيان ڪيل خير محمد ٻرڙي جي راءِ موجب ڀَٽي راجپوت نسل جي هڪڙي ماڻهوءَ جو نالو ’سرائه‘ هو، جيڪو حافظ آباد جو رهاڪو هو، جيڪو پاڻ کي جٽ چورائيندو هو. سندس اولاد ’سرائه‘ سڏجي ٿو. سنڌ جا ماڻهو کين سرائي جت چوندا آهن.
هڪ اندازي موجب جالنڌر ۽ ويجهن ضلعن ۾ سرائي ڄاتل سڃاتل جٽ آهن.
ڪرنل ٽاڊ، پنهنجي ڪتاب ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ پنوار راجپوتن جي هن نسل کي ’سهرائي‘ جو نالو ڏنو آهي، جنهن سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪناري سنڌ ۾ اروڙ جي مقام تي هڪ سلطنت جو بنياد رکيو ۽ پنهنجي رسمي نسبت سان علائقي جو نالو سهل يا سهرا ۽ شهزادن ۽ غلامن جو نالو سهرائي رکيو.