سرائڪي (ٻولي): سرائڪي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي چوٿين نمبر گهڻي ڳالهائي ويندڙ زبان طور ٿئي ٿو. هن زبان کي لساني طور تي مختلف نالن ۽ لهجن ۾ ورهايو ويو آهي. سرائڪيءَ کي رياستي، بهاولپوري، ملتاني، ڏاکڻي پنجابي، اوچڪي، ديري والي ۽ ميانوالي به چئجي ٿو. لهجن ۽ محاورن جي حساب سان ديري والي، ملتاني يا کٽڪي، بهاولپوري يا رياستي، جنگلي (Jangli)، جتڪي وغيره محاورا هن ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهن.
هن ٻوليءَ ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گهڻو تڻو تعداد ڏکڻ پنجاب ۾ رهي ٿو. ان کانسواءِ سنڌ سان گڏوگڏ هندستان جي علائقن ۾ به هيءَ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ان ڪري هن زبان تي اتي جي جاگرافيائي ۽ لسانياتي اثرن سبب ٿوري گهڻي ڦيرڦار موجود آهي.
هن ٻوليءَ جي قدامت جي حوالي سان مختلف محققن جي مختلف راءِ آهي. گريئرسن جي چوڻ موجب، ”هي سنڌي زبان جو لهجو آهي، پر ڪن هن کي پنجابي زبان جو لهجو ڪوٺيو آهي.“
سرائڪي ٻولي ڊوگري سان ملندڙ آهي. نحوي طور هيءَ ٻولي 85 سيڪڙو سـنڌيءَ سان، 68 سيڪڙو ڍاٽڪيءَ سان، 60 سيڪڙو اوڏڪيءَ سان ۽ 55 سيڪڙو سانسي ٻولين سان مشابهت رکي ٿي. هن کي لهندا ٻوليءَ جي شاخ به چيو وڃي ٿو. ڪن محققن هن کي انڊو آريائي، انڊو ايرانين جي شاخ طور انڊو يورپين خاندان مان ڄاڻايو آهي.
پاڪستان ۾ هيءَ ٻولي ڏکڻ پنجاب ۾ سرائيڪي علائقي کان سواءِ سنڌ، بلوچستان، ديري اسماعيل خان، ديري غازي خان، بهاولپور، ملتان، ميانواليءَ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هندستان جي پنجاب، مهاراشٽر، آنڌرا پرديش، اتر پرديش، راجسٿان ۽ دهليءَ ۾ به سرائيڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ هن ٻوليءَ جا 2000ع جي آدمشماريءَ موجب 13943106 ڳالهائيندڙ موجود آهن. هندستان ۾ ويهن هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو سرائڪي ڳالهائين ٿا.
هيءَ هڪ قديم ٻولي آهي. سنڌ ۽ پنجاب کانسواءِ هن ٻوليءَ جا ڳالهائڻ وارا سموري عرب، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ به موجود آهن. ڪن لسانياتي ماهرن موجب هيءَ هند آريائي ٻولين جي نک مان آهي. هن ٻوليءَ ۾ وينجنن جو تعداد 56 آهي.
رسم الخط جي حوالي سان سرائڪي ٻولي ٽن اهم خطن ۾ لکي وڃي ٿي. سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ خط فارسي- عربي رسم الخط آهي، جيڪو پاڪستان ۾ مروج آهي، جنهن کي جديد دؤر جي تقاضائن موجب ڪمپيوٽر ۽ ٻي ٽيڪنالاجيءَ لاءِ به موزون بڻايو ويو آهي. ديوناگري ۽ گرمکي لپين جي ذريعي ڪنهن دؤر ۾ سرائڪي لکي ويندي هئي، اهي لپيون هاڻي پاڪستان ۾ مروج نه آهن. البت هندستان ۾ رهندڙ ماڻهو انهن جو استعمال ڪن ٿا.
پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سرائڪي ٻوليءَ جي شناخت سرائڪي قوميت جي ترقيءَ سان وابسته رهي. ان ڏس ۾ هن ٻوليءَ لاءِ الڳ لپيءَ جي حوالي سان به ڪوششون جاري آهن ۽ ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستان جي وفاق ۾ الڳ شناخت لاءِ سرائڪي ماڻهن جي هڪ جداگانه جاگرافيائي حيثيت جي پراڻي مطالبي کي مڃڻ لاءِ رياست سنجيده ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون آهن، اهو قدم خود سرائڪي ٻولي ۽ ادب جي واڌويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
سرائڪـي ٻولي ادب جي ذخيري سان به مالامال آهي. هـن زبـان جي صوفيانه شاعريءَ جو شمار نه رڳو پاڪستان، پر برصغير جي معياري شاعريءَ ۾ ٿئي ٿو. خواجه غلام فريد، سلطان باهو ۽ سچل سرمست، سرائڪي ڪلام جا اهم شاعر ليکيا وڃن ٿا. شاڪر شجاع آبادي سرائڪيءَ جو جديد شاعر آهن. موسيقيءَ جي دنيا ۾ سرائڪي ڪافي ۽ لوڪ موسيقيءَ جو هڪ الڳ مقام آهي. پٺاڻي خان،
عـيـسيٰ خيلـوي، ثـريا ملـتانيـڪـر، منصـور مـلنگـي، احـمـد نـواز ڇيـنا، سرائي صالح ۽ طالب حسين درد جو شمار سرائڪيءَ جي اهم ڳائڻن ۾ ٿئي ٿو.
ان کانسواءِ ڪيترن ملڪي توڙي غير ملڪي فنڪارن سرائڪي زبان ۾ ڳايو آهي. سرائڪي زبان ۾ به ڪافي عرصي کان بهترين ادب سرجي رهيو آهي. سنڌ جا فنڪار به سرائڪي ڪافيون عام ڳائين ٿا.
سرائڪي لپي (Siraiki Script): هيءَ حرفي پدي قسم جي لپي آهي، جنهن ۾ سر/ عرف علت، زيرون زبرون ۽ نشانيون ڏئي ظاهر ڪجن ٿا. سرائڪي هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن کي سنڌ ۽ پنجاب جا 14 ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. هي هند- آريائي ٻولين جي نک مان آهي. سرائڪيءَ جا مختلف لهجا آهن، جن ۾ ملتاني ۽ لهندا اچي وڃن ٿا.
پنجاب جا ماهر لسانيات سرائڪيءَ کي پنجابي ۽ ڪيترا سنڌي محقق سنڌيءَ جو لهجو سمجهن ٿا. سرائڪيءَ ۾ وينجنن جو تعداد 56 آهي. سرائڪيءَ ۾ وڏي عرصي کان شعر ۽ نثر ۾ بهترين ادب لکجي رهيو آهي. خواجه غلام فريد سرائڪي خطي جو سرائڪي زبان جو قومي شاعر آهي.
لسانياتي ماهر گريئرسن سرائيڪيءَ کي لهندا جي شاخ سڏيو آهي، پر هيءَ هڪ ڌار ٻولي آهي. رياستي، بري والي ۽ ميانوالي هن جا لهجا آهن.