سراج الدوله نواب

سراج الدوله نواب

سراج الدوله نواب

سراج الدوله، نواب: سراج الدوله جو اصل نالو مرزا محمد هو. سراج الدوله جو لقب ان کي بِهار، بنگال ۽ اڙيساجي ناظم اعليٰ ۽ سندس ناني نواب علي وردي خان ڏنو. جنهن کانپوءِ هو پنھنجي اصل نالي بجاءِ لقب سان گهڻو مشھور ٿيو. نواب علي ورديءَ کي پٽاڻو اولاد نہ هو، ان ڪري هن پنھنجي ڏوهٽي کي پنھنجي اولاد وانگر پاليو ۽ بھترين تعليم ۽ تربيت ڏياري. 1748ع ڌاري درڀنگي جي پٺاڻن سراج الدوله جي والد کي ماري وڌو تہ هن جي ناني سراج الدوله کي سندس والد جي جاءِ تي بِهار جو ناظم مقرر ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي سندس ناني هن کي پنهنجو جانشين (ولي عھد) مقرر ڪيو. پنھنجي ناني جي وفات کانپوءِ سراج الدوله تخت تي ويهڻ سان ئي پورينه جي فوجي اڳواڻ پنھنجي سؤٽ شوڪت جنگ تي حملي لاءِ تياري ڪئي، پر شوڪت ’جـنـگ‘ انگـريــزن جي پٺڀرائي ڪئي، جنهنڪري نواب سراج الدوله فورٽ وليم ڏانهن واجهايو. ان دور ۾ يورپي ماڻهن کي بنگال ۾ پنھنجي قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ قلعي بنديءَ جو حق نہ هو. ليڪن انگريزن ڪلڪتي جي قلعي تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجا فوجي منصوبا جاري رکيا. هوڏانهن ڍاڪا جي ديوان جي پٽ ڪرشن کي بہ پنھنجي حفاظت ۾ رکيو، حالانڪ ان تي خزاني جا 55 لک روپيا ڦٻائڻ جو الزام هو. نواب ان موقعي تي فورٽ وليم جي گورنر ڏانهن پنھنجي نمائندي هٿان هي مطالبا موڪليا تہ فورٽ وليم ڪائونسل قلعه بنديءَ ۾ واڌارو جلدي بند ڪري، مرهٽا خندق جا شھر جي چؤڌاري کوٽي وئي آهي، سا جلد پوري بند ڪئي وڃي ۽ ڪرشن داس کي واپس ڪري. انگريزن اهي ٽئي مطالبا مڃڻ کان نابري واري جواب ۾ نواب هگلي بندرگاھہ تان انگريزن جي جهازن جي اچ وڃ تي پابندي هڻي ڇڏي ۽ قاسم بازار فيڪٽريءَ جو گهيرو ڪرائي ڇڏيو. پوءِ ڪجهه ماڻهن وچ ۾ پئي انگريزن ۽ نواب ۾ ٺهراءُ ڪرائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر انگريز فائدو وٺڻ بعد پنهنجن واعدن ۽ اقرارن تان ڦري ويا ۽ ڊريڪ، پنھنجي فوج تيار ڪري سک ساگر ۽ قلعي ڏانهن روانو ڪيو. انگريزن جي ان فوج ٻنهي جاين تي نواب جي فوجن کان شڪست کاڌي ۽ نواب خود ٽيھہ هزار سپاهين سان فورٽ وليم جي سامهون آيو. ٻنهي فوجن وچ ۾ سخت جنگ ٿي، انگريز دستا ميدان ڇڏي ڀڄي ويا. انگريزن پنهنجا ٻار ٻچا جهازن ذريعي محفوظ هنڌن ڏانهن روانا ڪيا ۽ نيٺ ڊريڪ خود بہ ڀڄي ويو. ان کانپوءِ ان جي جاءِ تي هال ويل آيو ۽ نواب سان صلح جو اعلان ڪيائين ۽ انگريزن جي سڄي فوج هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ نواب آسانيءَ سـان فـورٽ ولـيــم تي قبضو ڪري ورتو. ان کانپوءِ نواب سراج الدوله، راجہ رام نارائڻ جي مدد سان پنھنجي سوٽ شوڪت جنگ کي منهاري جي ميدان تي شڪست ڏني، جنهن ۾ شوڪت جنگ مارجي ويو. ان کانپوءِ نواب جي فوجن ڪلڪتو ۽ پورينه جو علائقو بہ فتح ڪري ورتو. پر اندر ۾ ٻاهرين دشمنن پنهنجون سازشي سرگرميون جاري رکيون. ان دوران مدراس مان ڪرنل ڪلائيو ۽ واسٽن پنھنجي بري ۽ بحري فوجن سان مختلف علائقن تي قبضا ڪرڻ لڳا. راجا ماڻڪ رام جهڙي ماڻهوءَ بہ انگريزن جي خلاف ڪابہ رڪاوٽ پيدا نہ ڪئي، اهو ڏسي انگريز ڪلڪتي تي قبضو ڪري ويا. جڏهن نواب سراج الدله ڪلڪتي ڏانهن وڃڻ چاهيو تہ مير جعفر، ورلڀ رام ۽ جڳت سيٺ جهڙن قوم ۽ ملڪ جي غدارن انگريزن کي ڳجها پيغام پهچائڻ شروع ڪيا. ٻئي طرف احمد شاھہ ابداليءَ جي حملي جي خبر بہ نواب کي پريشان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي، تان جو نواب مجبور ٿي فيبروري 1757ع ۾ معاهده علي ڳڙھہ تي دستخط ڪري ڇڏي، جنهن موجب بنگال جا سمورا فتح ٿيل علائقا وري انگريزن کي ملي ويا. ان کانسواءِ ڏنڊ طور انگريزن کي پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ ۽ قلعه بندين جا حق بہ ڏيئي ڇڏيا. ان جي باوجود صلح عارضي ثابت ٿيو ۽ پنجن مهينن کانپوءِ معاهدو ختم ٿي ويو. آخرڪار گهڻين ڳالهين کانپوءِ نواب هڪ وڏو لشڪر وٺي ڀاڳيرتي نديءَ وٽ اچي لٿو، جنهن ۾ وڏو حصو وڏي غدار مير جعفر جي اثر هيٺ هو. انگريزن نواب جي لشڪر جو گهيرو ڪيو ۽ مير جعفر جي غداريءَ سبب نواب جو خاص متعمد مريد مير مدن؛ نمڪ حلاليءَ جو حق ادا ڪندي وڙهندي وڙهندي شھيد ٿي ويو. شام تائين نواب کي مير جعفر جي غداريءَ جي سڌ بہ پئجي وئي، تان جو نواب پنھنجي جان بچائي مرشد آباد هليو ويو. مير جعفر انگريزن جو استقبال ڪيو ۽ پلاسيءَ جي هيءَ جنگ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. ان کانپوءِ مير جعفر سراج الدوله کي گرفتار ڪري تمام گهڻو ايذائي ماري ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو