سراج الدين شاھہ: سيد سراج الدين شاھہ ولد شيخ شهدالله نصرپور جو رهاڪو هو، پاڻ مخدوم بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان ۽ بڪيرن جي شيخ فاضل قريشيءَ جو ڏوهٽو هو، هي صوفي شاھہ عنايت شھيد جو وڏو مخالف هو. جنهن وقت صوفي شاھہ عنايت کي شھيد ڪيو ويو هو، ان وقت هي پاڻ شاهي درٻار دهليءَ ۾ هو ۽ صوفي شاھہ عنايت کي شھيد ڪرائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو.
مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو تہ شاھہ سراج الدين ڪافي پيري مريدي پيدا ڪري بادشاھہ جي درٻار ۾ ڏاڍي عزت حاصل ڪئي ۽ شاھہ عنايت شھيد سان جهوڪ جي جنگ جي شروعات ڪئي. دهليءَ ۾ رهي ڪري هن هر طرح صوفي شاھہ عنايت خلاف هل هلايو ۽ بادشاھہ کي ورغلايو هو. هن سان گڏ سندس پٽن فاضل شاھہ ۽ مھر شاھہ گڏجي؛ شاھہ عنايت جي سخت مخالفت ڪئي. ايتري قدر جو سندس هڪ پٽ خاص طور تي بکر ۾ انهيءَ ڪري آيو تہ جيئن اتي بہ شاھہ عنايت شھيد جي خلاف مھم هلائي سگهجي.