سراج القلوب مع روايت امام جعفر صادق عليہ السلام: هن قلمي نسخي ۾ پاڻ ڪريم حضرت محمد مصطفى صلي ﷲ عليہ وسلم جن کان يهودين جا ڪيل سوال ۽ انهن جا مليل جواب ڏنل آهن، جيڪي حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام کان نقل آهن. هن ڪتاب جي مرتب جي نالي ۾ تضاد آهي. ڪن اهو ڪم ابو منصور سعد الغزنوي جي نالي تہ ڪن وري شيخ ابو بڪر بن عبدالله ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”الحمد لله رب العالمين والعاقبه للمتقين والصلواة
واسلام علي رسوله محمد وآله اجمعين.......“
۽ ڪتاب جي پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
”......آمين رب العالمين تمت
لااله الا ﷲ محمد رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم.“
هن قلمي نسخي جي ڪاتب ۽ ڪتابت واري سال بابت ڪا خبر نٿي پوي. ڪتاب خط نستعليق ۾ لکيل آهي. 59 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.